اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) صدر آصف علي زرداري سان ايراني آرمي چيف ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران جي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته دهشتگردي هڪ گڏيل چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر ۽ اهم قدمن جي ضرورت آهي. ايراني آرمي چيف غزا ۽ لبنان جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي ساراهيو.