نواز شريف کي ڦاهي کان بچائڻ لاءِ ڪلنٽن جي ڪوشش جو انڪشاف

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جي اڳوڻي سربراهه ڊاڪٽر نسيم اشرف انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ڦاهي کان بچائڻ  لاءِ ان وقت جي چيف جسٽس سان ڳجهي ملاقات ڪئي هئي، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن کي پاڪستان اچڻ کان منع ڪئي هئي، پر صدر بل ڪلنٽن رڳو انڪري پاڪستان وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن برطرف ٿيل وزيراعظم ميان نواز شريف کي ڦاهيءَ کان بچائي سگهجي، جنرل پرويز مشرف جي خاطري بعد هو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پاڪستان آيو، آمريڪي صدر چيف جسٽس سان ڳجهي ملاقات ڪري نوازشريف کي ڦاهي نه ڏيڻ جو پڪ ورتي، اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر نسيم اشرف پنهنجي ڪتاب ”رنگ سائڊ“ ۾ ڪيو، جنهن جي سڀاڻي پشاور ۾ مهورت ٿيندي، هن چيو ته بل ڪلنٽن پرويز مشرف جي خاطري باوجود صدارتي لنچ دوران واش روم وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ان دوران چيف جسٽس ارشاد حسن خان به واش روم ۾ ويو، جتي ٻنهي وچ ۾ پنج منٽ ڳالهه ٻولهه ٿي، جتي ڪنٽن کي خاطري ڪرائي وئي ته نواز شريف کي ڦاهي جي سزا نه ايندي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان هن لکيو آهي ته جنرل مشرف جي دور ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي ڪم ٿيو ۽ مرحوم ڊاڪٽر اسرار احمد به اسرائيل ڳالهين جي حمايت ڪئي هئي، ڊاڪٽر نسيم اشرف عمران خان جي 2019ع ۾ آمريڪا جي دوري کي ڪامياب قرار ڏيندي لکيو آهي ته ان دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا مضبوط ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.