ڪراچي ۾ اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙي سان بدفعلي جي تصديق

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي نارٿ ڪراچي واري علائقي مان اغوا بعد قتل ٿيل ٻارڙي صارم سان بدفعلي جي تصديق ٿي  وئي آهي. شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ بدفعلي جي تصديق ٿي وئي آهي، ميڊيڪل رپورٽ موجب ٻارڙي سان بدفعلي ڪئي وئي ۽ قتل بعد لاش ٽينڪ ۾ اڇلايو ويوهو، ايس ايس پي انيل حيدر موجب 7 ورهين جي صارم کي 7 جنوري تي نارٿ ڪراچي جي علائقي مان مبينا طور اغوا ڪيو ويو هو ۽ سندس لاش 18 جنوري تي رهائشي اپارٽمنٽ جي پاڻي جي ٽانڪي مان مليو هو.انيل حيدر جو چوڻ هو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب صارم جي ڳچيءَ جي هڏي ٽٽل هئي، ٻارڙي کي 5 ڏينهن اڳ گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو هو، ابتدائي جاچ موجب صارم کي 12 جنوري تي قتل ڪري لاش ٽانڪي ۾ اڇلايو ويو هو. ايس ايس پي اي وي سي وڌيڪ چيو ته شڪ جي بنياد تي ٻارڙي جي ويجهي مائٽ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، حراست ۾ ورتل ماڻهن جي ڊي اين اي پڻ ڪئي پئي وڃي. رپورٽ اچڻ بعد ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي، پوليس سرجن ڊاڪٽر ساميا صارم سان بدفعلي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻارڙي جي جسم تي مختلف زخمن جا نشان آهن، هينئر تائين جي ميڊيڪل رپورٽ موجب ٻارڙي سان زيادتي ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.