رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپهه سالار ھو:اياز لطيف پليجو

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي سڏ تي عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي 95ھين سالگرھ سڄي سنڌ ۾ ملھائي وئي،ڪراچي ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو،اشفاق چنڙ، منان شيخ، فرحان لاڙڪ، ناھيد جوڳي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، حيدرآباد ۾سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، نذير بليدي، ڪنڌڪوٽ ۾ فدا مھمداڻي،سجاد بروھي، ڊگھڙي ۾شوڪت نوحاڻي،مجيد ٻگھيو، ٽنڊو الھيار ۾ عثمان لغاري، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مقصود ڀرڳڙي،بدين ۾ بچل احمداڻي، سانول گوپانگ، گيانچند مھيشوري،وارھ ۾ ضلعي صدر ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي،سرتاج احمد چانڊيو،مشتاق احمد چانڊيو،پناھ تونيو، ايس ايس ٽي اڳواڻ عادل ڀٽي،آفاق ٻُرڙو، قاضي مُظفر ۽ ٻين اڳواڻن ڪيڪ ڪاٽيو. لاڙڪاڻو ۾ سڪندر لاشاري، اسلم سومرو،  جميل ميمڻ، شڪارپور ۾ زاھد گھلو، آغا فھد، امداد سومرو، ظفر چنا ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو ٺل ۾ ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي ڏھرڪي ۾ لطف ميان شر، محبت سميجو، سڪرنڊ ۾ رسول بخش لغاري، نادر لغاري، ڄام صاحب ۾ ابراھيم بگٽي مورو ۾ خان سومرو، مٽياري ۾ ماجد خاصخيلي،شھدادپور ۾زبير ماڪوڙاڻي،محمود رخشاڻي، عمرڪوٽ ۾ گل حسن پلي مٺي ۾ شاھنواز ھڱورو، سريش ڪمار،مويا ۾ رمضان رند، حنيف باگراڻي، آڪاش رند،ميھڙ ۾ مير کوسو ۽ ٻين اڳواڻن ڪيڪ ڪاٽيا،ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيغام ڏيندي چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپهھ سالار ھو. رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو، ھارين مزدون ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بنايو،هن چيو ته پليجي ڪشمور کان ڪارنجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪري سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ جنگ ڪئي۔ رسول بخش پليجي ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف تاريخي جدوجھدون ڪيون.

”رسول بخش پليجو سنڌو درياهه جو وڪيل هو“عوامي تحريڪ پاران سالگرهه تي ڀيٽا پيش

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي 95هين سالگره، عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد، دادو، بدين، ميرپور خاص، جهڏو، واهي پانڌي، نصير آباد، ٿرپارڪر سميت سموري سنڌ ۾ سالگرهه تقريبون منعقد ڪيون ويون. حيدرآباد، ملير، مٺي، ميهڙ سميت مختلف بار ايسوسيئيشنس ۾ به سالگرہ تقريبون منعقد ڪري رسول بخش پليجي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، دادو ۾ سالگرهه تقريب  ۾ ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪاڇي جي زمينن تي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،تقريب کي خطاب ڪندي ڪاشف ملاح، گلڻ ڀنڊ، ممتاز ڀنڊ، عاطف ملاح، رياض پيچوهو،عابد ڀنڊ،گلشير رستماڻي،يونس لاشاري، ڪاشف سولنگي، شمن دايو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجو سنڌو درياهه جو وڪيل هو، سنڌو درياهه جا وهڪرا روان دوان رکڻ لاءِ هن سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سجاڳي ڦهلائي، ڪالا باغ ڊيم خلاف ۽ ٻين اهم مسئلن تي پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ لانگ مارچ ڪيا، اڳواڻن چيو ته پليجو سنڌ جو محافظ هو، هن سنڌو درياهه جو شاندار ڪيس وڙهيو،ملير ۾ عوامي تحريڪ ستار رند، لال جروار، نويد عباس ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر، پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، مختيار بڪاري، اعجاز چانڊيو،ايڊووڪيٽ عاصمه محسن، ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي، عبدالرزاق سولنگي، ايڊووڪيٽ عادل اعواڻ، ايڊووڪيٽ ناصر رضا رند، ايڊووڪيٽ فقير محمد تنيو، ايڊووڪيٽ شميم اقبال سومرو، ايڊووڪيٽ لطف الله سيلرو ۽ ايڊووڪيٽ ساک سنڌو چيو ته عدليا جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾ رسول بخش پليجي جو تمام وڏو ڪردار آهي، هن جمهوريت جي بحالي لاءِ به زبردست تحريڪ هلائي، هوڏانهن عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان رسول بخش پليجي آخري آرامگاهه تي تقريب منعقد ڪري قومي ۽ انقلابي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي، نون ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي قبضن خلاف به نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، علي محمد پرويز، مٺا خان لاشاري، گھنور خان زئنور، شاهه محمد چانگ، دريا خان زئور، خالق گندرو، انور پالاري، بلاول لاشاري، غلام علي زئور، حميد خشڪ، عزيز ميمڻ، مارو خشڪ، جميل پليجو، سليم پليجو، مسعود پليجو، رياض عباسي  ۽ ٻين چيو ته پليجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ گهڻ طرفي جدوجهد ڪئي، اڄ به هن جون تقريرون ۽ لکڻيون سنڌي عوام کي همٿ ۽ حوصلو ڏئي رهيون آهن، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا سنڌي عوام ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

رسول بخش پليجي سنڌ جو ڪيس دنيا تائين پهچايو:ديال صحرائي

مٺي(بيوروچيف)ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران سنڌ ڄائي نامياري قانوندان، سياستدان، اديب،دانشور رسول بخش پليجو جي 95ھين سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. انھي موقعي تي عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر وڪيل ديال صحرائي ۽ سبحان سميجي  بار کي خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش پليجو ھن ڌرتي،سنڌو درياء ۽ مظلوم عوام جو وڏو وڪيل رھيو. سنڌ قوم جو قومي ۽ طبقاتي ڪيس پوري دنيا تائين پھچايو. انھي موقعي تي وڪيل موھن منٺاراڻي، ظھير نھڙيو، ڪنور امر، منور ساگر، صبحان سميجو، ڀورو مل ڪولھي،جاويد بجير، ديوتراء، لو چنداڻي،روپچند ريگستاني، مولابخش  بجير،قربان سميجو،ظھير جوڻيجو،شوڪت سنڌي، موھن ڀيل،جيلم سينگھ، ھمليش کيماڻي، ۽ ٻين وڪيلن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.