ڪشمور(ڊر)ڪشمور ويجھو حاجي خان شر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ دادن ڪوش ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار اجمل ڪوش گھرواري مختياران ڪوش کي لياقت سولنگي سان ڪارنھن الزام هيٺ ٻنهي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش گم ڪري گھر خالي ڪري واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا حاجي خان شر ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ دادن ڪوش ۾ ٻٽي قتل جا اطلاع مليا پوليس جي پھچڻ کان اڳ جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن وارثن طرفان پوليس سان رابطو ناهي ڪيو ويو شروعاتي جاچ مطابق جوابدار اجمل ڪوش پنھجي زال سان لياقت سولنگي کي ڪارنھن الزام ۾ قتل ڪيو لاش گم ڪري ڇڏيا آهن سرڪار جي مدعيت ۾ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو