ڪامورن کي وي سي بڻائڻ خلاف سنڌ جي يونيورسٽين ۾ استادن جو احتجاج، بائيڪاٽ

ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) بيوروڪريٽن ۽ نان پي ايڇ ڊي هولڊرن کي وائيس چانسلر ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش خلاف سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ڪالهه سومر  تي ٽئين ڏينهن به تدريسي عمل معطل رهيو، سنڌ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي سميت سمورين يونيورسٽين ۾ استادن جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو، ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر محسن علي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي معيار کي تبديل ڪرڻ يونيورسٽين جي خودمختياري ۽ انهن جي معيار کي ڪيرائڻ برابر آهي ۽ فيصلي سان يونيورسٽين جو معيار وڌيڪ خراب ٿيندو، فيصلو واپس نه ورتو ويو ته پوءِ  احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، هن چيو ته اهڙي طرح استادن جي ڀرتين تي پابندي پيپلز پارٽي جهڙي جمهوري پارٽي جي تعليم دشمن پاليسي آهي جنهن کي پارٽي اندران به حمايت حاصل ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.