ڪامورن کي وي سي بڻائڻ جو بل واپس وٺو: رضا رباني

ڪراچي (م ڊ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ميان رضا رباني سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وائيس  چانسلرن لاءِ بيوروڪريٽس جي مقرري بابت بل واپس وٺڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته نان پي ايڇ ڊي اميدوارن ۽ بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر بڻائڻ جي اجازت ڏني وئي، اها ترميم وي سي جي عهدي تي غير ماهرن کي مقرر ڪرڻ جي راهه هموار ڪندي، رضا رباني چيو ته سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽس لاز ايڪٽ ۾ ترميم کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي، يونيورسٽيون آزاد آهن ۽ پنهنجي لاڳاپيل قانونن تحت هلن ٿيون، اهڙين مقررين سان اها آزادي متاثر ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.