ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه علائقي ۾ مڊل اسڪول نه هجڻ ڪري پرائمري اسڪول جا 46 سيڪڙو شاگرد اسڪول ڇڏڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پرائمري اسڪولن ۾ مڊل اسڪول جي ڪلاسن لاءِ منجهند جون شفٽون متعارف ڪرايون. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزير تعليم سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزير تعليم سيد سردار شاهه ۽ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي وڏي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وڏي وزير اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي درپيش ٻن وڏن چئلينجن جي نشاندهي ڪئي، هڪ 7.8 ملين اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا ۽ ٻيو اسڪول ڇڏڻ جي شرح کي گهٽائڻ جيڪا 46 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. هن زور ڏنو ته انهن ٻنهي چئلينجن کي فقط رسمي ۽ غير رسمي تعليمي نظام کي بهتر بڻائي ئي حل ڪري سگهجي ٿو هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ 36300 پرائمري اسڪول ۽ 4600 پوسٽ پرائمري يا مڊل اسڪول آهن. پرائمري ۽ پوسٽ پرائمري اسڪولن جي انگ اکرن ۾ وڏو فرق اسڪول ڇڏڻ جي شرح ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو. وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته پرائمري اسڪولن ۾ پوسٽ پرائمري اسڪول ٻئي شفٽ يعني منجهند جي شفٽ ۾ شروع ڪيا وڃن ۽ انهن کي مڊل اسڪول جي سطح تي اپ گريڊ ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي. وڏي وزير اسڪول انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ کي مرمت ۽ سار سنڀال جي ڪم کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،ڪمپني اسڪولن لاءِ آمدني پيدا ڪندڙ سامان پڻ خريد ڪندي جنهن ۾ فرنيچر، ليبارٽري سامان، ڪمپيوٽر ليب جو سامان، ۽ شمسي توانائي جو سامان شامل آهن. مراد علي شاهه تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي هڪ ڪمپني ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ ان جو ڪردار ڪتابن جي ڇپائي ۽ ورڇ تائين محدود هوندو جڏهن ته درسي ڪتابن جي تياري جي ذميواري ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم، اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ ڏانهن منتقل ڪئي ويندي،آخر ۾ مراد علي شاهه ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪولز ۾ انسپيڪٽر پوسٽون ٺاهڻ جي منظوري ڏني.