ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شيفع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي .عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جي درخواستن کي گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي .عدالت وفاقي حڪومت سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته بي اين پي جي ٻن سينٽيرن کي به طلب ڪيو ويو، عدالت 26 آئيني ترميم جي عملدرآمد کي عارضي طور تي روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي .عدالت سڀني درخواستن جي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد شفيع صديقي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توهان قانون پڙهي ڪري نه آيا آيو، چيف جسٽس محمد شفيع صديقي شاهد خاقان عباسي جي وڪيل بئريسٽر علي طاهر کي مخاطب ٿيندي چيو ته بهتر هجي ها ته توهان پنهنجي راهه ڏيڻ بدران سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي پڙهو ها.عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ استدعا رد ڪري ڇڏي آهي .