ڪابل ( م ڊ ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي نائب پرڏيهي وزير پنهنجي قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول کوليا وڃن. ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي سبب طالبان حڪومت کي عالمي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شير محمد عباس ستانڪزئي هفتيوار خطاب ۾ چيو ته ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي پابندي شريعت جي قانونن سان ٺهڪندڙ ناهي. واضح رهي ته ستانڪزئي 2021ع ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کان اڳ دوحا ۾ ٿيل ڳالهين ۾ طالبان وفد جي اڳواڻي به ڪئي هئي.رائٽرز کي طالبان ذريعن ۽ سفارتي اهلڪارن پاران ٻڌايو ويو آهي ته ان معاملي تي طالبان ۾ ڪجهه اختلاف آهن پر اها پابندي طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخونزاده جي حڪم تي لاڳو ڪئي وئي آهي. افغانستان ۾ عورتن جي آبادي ڏانهن اشارو ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اڄ 40 ملين جي آبادي مان 20 ملين سان ناانصافي ٿي رهي آهي.