اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ ڪورم پورو نه ٿيڻ سبب اجلاس اڄ وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو جڏهن ته پ پ جا ميمبر لابي ۾ موجود هجڻ باوجود ڪورم پورو ڪرڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ ايوان ۾ وزيراعظم جي اچڻ تائين اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري اصرار تي ڄمي بيٺا رهيا، اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر اياز صادق مخالف ڌر جي مطالبي تي اعتراض واري نقطي کي رد ڪندي چيو ته سوالن جوابن جي وقفي تائين اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، مخالف ڌر احتجاج دوران ڪورم جي نشاندهي ڪئي، اسپيڪر ڳڻپ جو حڪم ڏنو پر ڪورم پورو نه ٿيڻ تي اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪيو ويو، ٻيهر ڪورم پورو ٿيڻ جو اشارو ملندي ئي پ پ ميمبر لابي ۾ هليا ويا، حڪومت جي سمورين ڪوششن باوجود پ پ ميمبر ايوان ۾ نه آيا ۽ چيو ته جيستائين وزيراعظم ايوان ۾ نه ايندو، تيستائين اجلاس ۾ شرڪت نه ڪنداسين.