ڪئنالن تي اسان جي موقف ۾ تبديلي ناهي آئي:شرجيل ميمڻ

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته  پيپلز پارٽي جو ڪينال جي معاملي تي واضح موقف آهي، اسان جي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي، سنڌ جي پاڻي جي ڦرلٽ جي ڪا به گنجائش ناهي، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پاڻي جي مسئلي تي سنجيده آهن ۽ هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جلد ئي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ گهرجي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو به پريس جي آزادي کي فروغ ڏنو، اهڙو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ صحافين جي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪردار کي خراب انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پيپلز پارٽي ۾ برداشت جو جذبو آهي. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي سٺو ڪم ڪري رهي آهي. هاڻي صحافي پڻ سنڌ حڪومت جي جديد ترين اسپتالن مان پنهنجو علاج مفت ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ سول اسپتال حيدرآباد سٺيون خدمتون فراهم ڪري رهيون آهن. اسان سول اسپتال کي وڌيڪ اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته صحافين جي صحت جي انشورنس لاءِ هڪ سسٽم ٺاهيو ويندو يا هڪ اينڊومينٽ فنڊ مختص ڪيو ويندو ته جيئن صحافي پنهنجو علاج ڪرائي سگهن. هن چيو ته حيدرآباد ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سرڪاري ٽرانسپورٽ جي زمين تي قبضا آهن، جنهن کي ختم ڪرايو ويندو، ٽرانسپورٽ کاتو حيدرآباد ۾ اي وي بسون به شروع ڪندو، هن چيو ته وفاقي حڪومت کي سکر-حيدرآباد موٽر وي تي جلد ڪم ڪرڻ هن روڊ کي مڪمل نه ڪري وفاقي حڪومت نه رڳو سنڌ جي ماڻهن پر پاڪستان جي ماڻهن سان به ناانصافي ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت جا سنڌ ۾ منصوبا سست رفتاري سان هلي رهيا آهن هن چيو ته عمران خان کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي پر ڪنهن به احتجاج نه ڪيو، تقريب ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ڊائريڪٽر انفارميشن ارشاد چانڊيو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.