سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪمار اوڏ ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه چيو آهي ته سنڌ جي حڪمران مفادن خاطر سنڌ جي وسيلن ۽ درياهه جو سودو ڪيو آهي، ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي، وفاقي حڪومت فيصلو واپس وٺي، سيد زين شاھه سڪرنڊ جي عدالت ٻاهران ليڪچرار صدر الله لنڊ جي بنا جواز گرفتاري خلاف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صدر الله لنڊ جي گرفتاري سياسي وفاداريون مٽائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، هن چيو ته اسان هن واقعي ۾ چونڊيل نمائندن جي هٿ کي به رد نٿا ڪريون ڇاڪاڻ جو گذريل اليڪشن ۾ يونين ڪائونسل ماروي ۽ يونين ڪائونسل جمال ڪيريو ۾ هي نوجوان ايڪٽو هو جنهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو اڄ کيس ان جي سزا ڏني پئي وڃي، سيد زين شاهھ وڌيڪ چيو ته حڪمران جيڪي سنڌ جا وسيلا وڪڻي سنڌوءَ مٿان ڪينال جوڙي پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا آهن انهن کي ڪٿان جي غيرت هوندي، پر اسين عدالتن ڏانهن ڏسي رهيا آهيون ته هُو انصاف ٿيون ڪن يا تاريخ تي تاريخ ڏئي معاملي کي ڊگهو ڪنديون.