سنڌ جو وجود مٽائڻ لاءِ ڪئنال اڏيا پيا وڃن:قادر مگسي

حيدرآباد/رڪن ٻرڙا(پ ر+ن ع آ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان سندس رهائشگاه تي جماعت اسلامي سنڌ جي اميرڪاشف شيخ جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد ملاقات ڪري 26 جنوري تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سيمينار جي دعوت ڏني. جيڪا سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي قبول ڪندي شرڪت جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالهائيندي چيو سنڌو درياهه تي سنڌين جو دائمي آفاقي ۽ ڪائناتي حق آهي، 1991 جي معاهدي مطابق سنڌ پاڻي نٿو ڏنو وڃي جنهن ڪري سنڌو درياهه  ۾ڪوٽڙي کان هيٺ واري پئي اڏامي، انڊس ڊيليٽا مڪمل تباہ ٿي چڪي آهي ان موقعي سنڌ ترقي پسند پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، قادر چنا،ڊاڪٽر احمد نوناري ،امتياز سمون ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، حيدر ملاح ، جماعت اسلامي اڳواڻ حافظ نصرﷲ چنا محمد افضال، الطاف ملاح، سهيل احمد شارڪ، حافظ طاهر مجيد ۽ ٻيا موجود هئا، هوڏانهن ڊاڪٽر قادر مگسي مرڪزي قيادت سان گڏ پريس ڪلب رڪن ٻرڙا پهچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر جان محمد ابڙو ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومپرست اڳواڻ چيو ته سنڌ جي وجود مٽائڻ ۽ سنڌ جي 6 ڪروڙ ماڻھن کي اڃ ۽ بک وگھي مارڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍي پنجاب طرفان سنڌو جي پاڻيءَ تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ھن چيو ته سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ميسارڻ وارا اھڙا منصوبا قبول نه ڪندو، جڏھن ته پريس ڪلب جي سرپرست اعليٰ قربان لغاري، عابد وساڻ، غلام شبير لغاري، رحيم ابڙو، خادم مڱريو ۽ واحد بخش ابڙو ايس ٽي پي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.