راڻي پور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) هنگورجا جو صحافي اغوا بعد ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿيل فياض سولنگي سميت چئن ڄڻن مظهر سولنگي، شاھ دوست جعفري، حنيف سولنگي کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ سوڀوديرو ايٽ راڻيپور محمد عظيم سولنگي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪورٽ سڳوري ۾ صحافي فياض سولنگي اکين مان ڳوڙها وھائي روئي پنھنجي بيان ۾ چيو ته مونکي نامعلوم ماڻھو ڳوٺ ٻاهران اغوا ڪري ويا ھئا، جنھن بعد پوليس ڪشمور جي علائقي جمال مان مون کي بازياب ڪرايو آھي. جنھن بعد مونکي پوليس پريشر ڏئي اھڙو بيان ڏياريو ويو، ھن وڌيڪ چيو ته مون سان انصاف ٿئي، جڏھن ته سوڀوديرو پوليس پاران ڪورٽ سڳوري کان 14 ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، جنھن بعد ڪورٽ سڳوريءَ صحافي فياض سولنگي کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي سوڀوديرو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي،ڪيس جو وڌيڪ هڪ جوابدار محمد صالح سولنگي اڃان روپوش آھي. ان جي گرفتاريءَ لاءِ پڻ مختلف جائين تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.