سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ اختلاف برقرار؟ ايڊيشنل رجسٽرار کي توهين عدالت نوٽيس

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ بينچن جي اختيار جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ واري معاملي تي جسٽس منصور علي شاهه، ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت ۾  طلب ڪري ورتو، جسٽس عائشه ملڪ چيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته هڪ چيف جسٽس ٻن ٽن دماغن کان بهتر ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ آئيني بينچن ۽ ريگيولر بينچن جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، وڪيل بئريسٽر صلاح الدين عدالت کي ٻڌايو ته هو ڪراچي مان رڳو هن ڪيس لاءِ آيو آهي پر ڪاز لسٽ جاري ناهي ٿي، عدالت اڄ لاءِ ڪيس مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ۾ چيو ته کين ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي، ايڊيشنل رجسٽرار کي فوري طور گهرايو ته جيئن خبر پئي ڪيس ڇو مقرر نه ٿيو آهي، ٻڌڻي دوران ڊپٽي رجسٽرار ذوالفقار احمد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته ايڊيشنل رجسٽرار جي طبيعت ٺيڪ ناهي ۽ هو موڪل تي آهي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته جيڪو ڪيس مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو اهو ڇو نه لڳايو؟، ڊپٽي رجسٽرار ذوالفقار احمد چيو ته ججز ڪميٽي فيصلو ڪيو ته آئيني ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي 27 جنوري تي آئيني بينچ ۾ ٿيندي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته هو پاڻ به ڪميٽي جو ميمبر آهي، کيس ڪابه خبر ناهي، جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته جوڊيشل آرڊر انتظامي ڪميٽي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهي ٿي؟.، جسٽس عقيل عباسي ڊپٽي رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالتي حڪم ڪميٽي آڏو رکيو ويو هو؟، ڊپٽي رجسٽرار ذوالفقار احمد چيو ته عدالتي حڪم ڪميٽي آڏو پيش ڪيو ويو هو، جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته سندن سڄي هفتي جي ڪاز لسٽ ڇو تبديل ڪئي وئي؟ هنن ٽيڪس جا ڪيس مقرر ڪيا هئا جيڪي تبديل ڪيا ويا، عدالت ججز ڪميٽي جي پاس ڪيل آرڊر ۽ اجلاس جي منٽس جا تفصيل طلب ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته ڪاز لسٽ ڇو تبديل ڪئي وئي، ان بابت ڪا لکت ۾ هدايت آهي ته پيش ڪئي وڃي، جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته سمورا ڪيس عدالتي حڪم تحت مقرر ڪيا ويا هئا، ٻيا ڪيس ڇو ڊي لسٽ ڪيا ويا؟، جنهن تي ڊپٽي رجسٽرار جواب ڏنو ته ريسرچ آفيسر جو نوٽ آهي، قانوني سوالن تي ٻڌل ڪيس جي ٻڌڻي آئيني بينچ ڪندي، جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاڻي ريسرچ آفيسر عدالتي حڪمن جو جائزو وٺندو ته درست آهن يا نه؟، سندس عدالتي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته ڪو ڪيس ائين گم ٿيو هجي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪيس انتظامي ڪميٽي ڏانهن هليو ويو، جيڪڏهن جسٽس عرفان سعادت مصروف آهي ته بينچ ۾ ڪو ٻيو اچي، ڪميٽي وٽ اهو اختيار ناهي ته اها ڪيس ئي نه لڳائي، جسٽس منصور وڌيڪ چيو ته هي ڪيس اسان جي عدالت ۾ رکڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن به عدالت ۾ نه رکيو ويو، سڄو ڪيس ئي غائب ڪيو ويو، ان موقعي تي وڪيل چيو ته پاڻمرادو نوٽيس تي طئي ٿيو هو ته جيڪڏهن ڪا بئنچ معاملو چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ته هو ان کي ڏسندو، جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هڪ چيف جسٽس ٻن يا ٽن ذهنن کان ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿو؟ جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ۾ چيو ته چيف جسٽس سميت سمورا ماڻهو عدالتي حڪم جا پابند آهن، جنهن تي ڊپٽي رجسٽرار جواب ڏنو ته ججز ڪميٽي جي ميٽنگ جا منٽس اڃا تائين نه مليا آهن، سپريم ڪورٽ بينچن جي اختيارن بابت ڪيس مقرر نه ڪرڻ واري معاملي تي ايڊيشنل رجسٽرار کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي حڪم نامي ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪيس ٻڌڻي لاءِ اڄ ڇو نه مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ عدالت آئيني ۽ ريگولر بينچز جي اختيارن بابت ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي ايڊشنل جڊيشل رجسٽرار کي توهينِ عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو جنهن ۾ کيس ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد(عمران وسيم+اسد علي طور)26هين ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ججن ۾ ڌڙابندي برقرار آهي،چيف جسٽس يحيٰ آفريدي  سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه سان اختلاف ختم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي،هن کيس ٻن ٽن ڪميٽين جو سربراهه به بڻايو پر هاڻي وري اختلاف شروع ٿيڻ جا چئوٻول آهن،جسٽس منصور علي شاهه 26 هين ترميم سان جڙيل هڪ معاملو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو پر اهو ڪيس ٻڌڻي لاءِ نه رکيو ويو،رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته چيف جسٽس نجي مصروفيتن سبب جمعي تائين موڪل تي هليو ويو آهي،26هين ترميم خلاف رمارڪس ڏيندڙ جسٽس منصور علي شاهه جو ٽه رڪني بئنچ ٽوڙي ٻه رڪني ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي آل پاڪستان لايرز ايڪشن ڪميٽي جنهن ۾ منير اي ملڪ،فيصل صديقي،صلاح الدين احمد،علي احمد ڪرد جهڙا ناليوارا وڪيل شامل آهن هڪ پريس رليز جاري ڪئي آهي جنهن ۾ انهن چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي سندس حلف ياد ڏياريو آهي ۽ چيو آهي ته توهان جيڪو ڪري رهيا آهيو اهو سپريم ڪورٽ ۽ آئين کان غداري جي برابر آهي،جسٽس منصور علي شاهه جي بئنچ آڏو ڪيس هٽائڻ جي مذمت ڪريون ٿا،اسان جسٽس منصور علي شاهه سان گڏ آهيون، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس امين الدين خان جيڪا حرڪت ڪئي آهي ان تي اسان کي سخت ڳڻتي آهي،هنن چيو ته عدليه جي آزادي رڳو ججن جو استحقاق ناهي پر شهرين جو بنيادي حق به آهي،عدليه ڪجهه ماڻهن جي مفادن لاءِ ناهي،چيف جسٽس ڪنهن مفاد پرست گروهه جو آله ڪار نه بڻجي،تازا قدم سپريم ڪورٽ کي ڪنهن” اداري“ جو ماتحت بڻائڻ لاءِ آهن،هنن چيو ته اسان بلوچستان بار جي ان مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا ته جسٽس منصور علي شاهه جي بئنچ آڏو هٽايل ڪيس واپس رکيو وڃي،سمورا جج آئيني گهرجن جو عزم ڪن،آئين جي بالادستي ۽ عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رهندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.