راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري جو چوڻ آهي ته عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڳالهين جو سندس ڪيسن سان ڪو تعلق ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته عمران خان چئي چڪو آهي ته ڳالهيون سياسي قوتن سان ٿي رهيون آهن يا ڪنهن ٻئي سان، انهن جو عمران خان جي ڪيسن سان ڪو به تعلق ناهي. فيصل چوڌري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو جڊيشل ڪميشن جو مطالبو آئيني ۽ قانوني مطالبو آهي.آرمي چيف ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ملاقات: ايندڙ هفتي نتيجا سامهون ايندا. اڳوڻي وزيراعظم جي ڀيڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عليما خان چيو آهي ته عمران خان جو چوڻ هو ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس ۾ سزا ڊيل ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي. عمران خان واضح ڪيو آهي ته هو ڪا به ڊيل نه ڪندو پر ڪيسن کي منهن ڏيندو. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي فيصلي سبب سڄي دنيا ۾ اسان جو مذاق بڻجي ويو آهي. سڀ سمجهي ويا ته اسان جي عدليه کي سياسي انتقام لاءِ ڪيئن استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ناصر جاويد رانا خلاف سپريم ڪورٽ به اعتراض اٿاريو هو. اهڙي قسم جا جج توهان هاءِ ڪورٽ ۾ ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو جيڪي چوري، ڦرلٽ، مينڊيٽ چوري کي تحفظ ڏيندا.هن چيو ته هن چيو ته القادر يونيورسٽي کي حڪومت جي تحويل ۾ ورتو وڃي، جتي پيغمبر اسلام (ص) جي تعليم ڏني ويندي هئي. هاڻي مريم نواز هن اداري کي هلائڻ سان ٿورو ثواب حاصل ڪندي، ڪو مسئلو ناهي، هن کي هاڻي ٿورو ثواب حاصل ڪرڻ ڏيو .