غالب ڊومڪي تي حملو قبائلي جهيڙو ناهي:ضيا لنجار

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گھرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُالحسن لنجار اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي، اڳوڻي ايم  پي اي مير غالب ڊومڪي تي حملي جي مذمت ڪئي. هن چيو ته واقعي جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ لاءِ ضلعي پوليس کي باقاعده حڪم جاري ڪيا ويا آهن،هن ٻڌايو ته اڳوڻي صوبائي ميمبر تي حملي ۾ ملوث هڪ ڏوهاري مارجي چڪو آهي، هي نه ڪو قبائلي جهيڙو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي اهڙي تاثر قائم ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته مير عابد جتوئي واقعي کان فوري بعد مير غالب ڊومڪي سان ملاقات ۽ عيادت لاءِ پهتو. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ پوليس هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ جلد ئي پوليس ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پوليس جي گرفت ۾ هوندا. هن چيو ته امن امان قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت هرگز سمجهوتو نه ٿي ڪري سگھي، ته ڪچي جي علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن جاري آهي ۽ جاري رهندو. هن ٻڌايو ته اتي مشڪلاتون ضرور آهن، پر ڪو به رنڊڪ يا دٻاءُ موجود ناهي. ان ڪري پوليس ۽ رينجرز گڏيل آپريشن تحت نه رڳو ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو آهي پر انهن جي طاقت کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته ڪچي جي علائقن ۾ جلد ئي پوليس وڏي ڪاميابي ماڻي وٺندي.

مير غالب ڊومڪي تي حملو مذمت جوڳو آهي:حليم عادل

سکر (رپورٽر) پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر حليم عادل شيخ چيو آھي ته ڏينهن ڏٺي جو مير غالب ڊومڪي جي گاڏي تي فائرنگ جي  سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ٻن سيڪيورٽي گارڊن جي مغفرت لاءِ دعاگو آهيون، مير غالب ڊومڪي سميت هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن جي سٺي صحت لاءِ دعاگو آهيون، شڪارپور پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي،ايس ايس پي شڪارپور ڌاڙيلن جو سرپرست بڻيل آهي،ان ڪري ڏوهن تي ضابطو نٿو اچي.

جماعت اسلامي پاران مير غالب حسين ڊومڪي مٿان حملي جي مذمت

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل  سيڪريٽري محمد يوسف اڳوڻي صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي مٿان حملي ۽ سندن ٻن گارڊن جي شهادت واري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ پوليس جي ناڪامي جي ڪري سموري سنڌ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي باهه ۾ ٻري رهي آهي، حڪومت ڌاڙيلن توڙي سندن سهولتڪارن خلاف بنا فرق جي آپريشن ڪري امن امان جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.