ڊي آءِ خان ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته مريم پاڪستان اسٽڊي جو نالو ميڪ اپ پاڪستان رکي ڇڏي، مريم نواز ناني هجڻ باوجود پاڻ کي ميڪ اپ ذريعي فٽ رکيو آهي، منهنجو خيال آهي ته پاڪستان اسٽڊي ۾ مريم جي تصوير هجڻ گهرجي، ان جو نالو پاڪستان اسٽڊي لاءِ نه پر ميڪ اپ پاڪستان لاءِ صحيح لڳندو. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڊي آءِ خان ۾ ميديا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وفاق افغانستان سان ڳالهيون ڪيون آهن پر انهن کي ڪاميابي نه ملي آهي، مان ٻن هفتن ۾ صوبائي وفد موڪليندس، ڳالهين لاءِ صوبائي ايگزيڪٽيو هجڻ خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪندس، سمورن قبيلن جا صلاحڪار افغانستان سان ڳالهائيندا، اميد آهي ته اسان جي جرڳي سبب ڳالهيون ڪامياب ٿينديون . خواجا آصف گنڊاپور جي تقرير تي جواب ڏيندي چيو ته مون کي توهان جي خاندان جي عورتن تي افسوس آهي، جيڪي توهان جهڙن بي شرم ماڻهن کي برداشت ڪري رهيا آهن، علي امين پختونن جي عزت تي ڪارو نشان آهي، جيڪڏهن توهان مستقبل ۾ مريم نواز بابت نازيبا لفظ استعمال ڪيا ته توهان جي زبان ڳلي مان ڇڪي ويندي.