شاگرد يونين نرسري آهي، هنن ماڻهن کي ئي ملڪ جي واڳ سنڀالڻي آهي: جسٽس امين الدين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ شاگرد يونين جي بحالي واري معاملي تي وفاق ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بينچ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. شاگرد يونين جي بحالي واري ڪيس ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته قائداعظم يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. قائداعظم يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جي اليڪشن کي پائلٽ پروجيڪٽ طور ڏٺو وڃي. هاڻوڪين چونڊن ۾ سياست اچي چڪي آهي، سياسي پارٽين تعليمي ادارن ۾ پنهنجا سياسي ونگ ٺاهي ڇڏيا آهن. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سياسي پارٽين جا سياسي ونگ آهن، ڪراچي يونيورسٽي ۾ تشدد سبب 35 سالن کان رينجرز مقرر ڪئي وئي، اڳوڻي وزيراعظم کي به پنجاب يونيورسٽي مان اغوا ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾  شاگردن کان بازياب ڪرايو ويو.  جسٽس امين الدين خان چيو ته شاگرد يونين نرسري آهي، هنن ماڻهن کي بعد ۾ ملڪ هلائڻو آهي. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته ٻارن کي پڙهڻ ڏيو، انهن کي سياست ۾ ڇو وجهي رهيا آهيو؟ اسان جي ملڪ ۾ سياست جارحيت واري آهي. آئيني بئنچ شاگرد يونين جي بحالي واري ڪيس ۾ وفاق سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.