سينيٽ ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار ۽ الائونس وڌائڻ جو بل منظور

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ملڪ جي ايوان (سينيٽ) جي اجلاس دوران پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونس بابت ترميمي  بل 2025ع جي منظوري ڏني وئي. رپورٽ موجب سينيٽر دنيش ڪمار پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونس بابت ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ بل جي مخالفت نه ڪئي.اعظم نذير تارڙ چيو ته بل جي منظوري تي مون کي ڪو به اعتراض ناهي، قومي اسيمبلي تازو ئي پگهارن ۽ الائونسز بابت ايوان جي فنانس ڪميٽي کي بااختيار بڻايو. سينيٽ جي اجلاس ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر عبدالقادر آئين جي آرٽيڪل 27 ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جيڪو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو.سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران حڪومت بئنڪنگ ڪمپنيز ترميمي بل 2025ع جي مخالفت ڪئي.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته قانون 1962ع ۾ آيو جنهن کانپوءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪري ان ۾ ترميم ڪئي وئي، بينڪنگ سيڪٽر سٺو ڪم ڪيو آهي، جيڪڏهن هي بل پيش ٿيو ته غلط تصوير سامهون ايندي ته بينڪ جي شعبي ۾  هٿيار آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي.جي يو آءِ ف جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته نيشنل بئنڪ ۾ يونين جي سرگرمين تي پابندي آهي، اعظم نذير تارڙ جواب ڏنو ته بل موجب آفيسر يا ٽريڊ يونين سرگرميءَ لاءِ بئنڪ وٽ هٿيار کڻي اچي، بئنڪ جا وسيلا استعمال ڪيا وڃن، هراسان نه ڪيو ويندو، ڇا توهان ترميم ذريعي انهن سڀني کي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا، هن قانون سان بئنڪنگ شعبي ۾ واڌارو ٿيو آهي.سينيٽ ۾ عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن ترميمي بل 2025ع پيش ڪيو ويو، بل ثمينا ممتاز زهري پيش ڪيو، حڪومت به ان بل جي مخالفت ڪئي پر بل پيش ڪرڻ جي تحرير منظور ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ بل ايوان جي حوالي ڪيو ويو. سينيٽ ۾ پارليامينٽرينز سيلري اينڊ الائونسز ترميمي بل 2025 پيش ڪيو ويو، بل سينيٽر دنيش ڪمار پيش ڪيو، سينيٽ اڪثريت راءِ سان بل منظور ڪري ورتو پر پي ٽي آءِ سينيٽر همايون مهمند بل جي مخالفت ڪئي. ايوان پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ترميمي بل 2025ع سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ رد ڪري ڇڏي، بل سينٽر شبلي فراز پيش ڪيو هو.سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي معياري شيون امپورٽ ڪيون وينديون آهن، پي سي ايس ڪي اي ڪرپٽ ادارو بڻجي چڪو آهي، جيڪڏهن اهو ادارو ڪراچي کان اسلام آباد اچي ته ادارو بهتر ٿيندو.تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي بل جي مخالفت ڪندي چيو ته عجيب منطق آهي ته اسلام آباد ۾ اٿارٽي سٺي هوندي ۽ ڪراچي ۾ خراب هوندي. ڪراچي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ لاءِ اهم آهي، هي ادارو ان شهر ۾ آهي جتي ان جي ضرورت آهي.اجلاس دوران سينيٽر محسن عزيز دو  جنس پرست ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ بل پيش ڪيو پر قانون واري وفاقي وزير جي درخواست تي محسن عزيز بل واپس وٺي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ بابت بل واپس ورتو ويو، سينيٽر عبدالقادر بل واپس وٺي ڇڏيو، ايوان مان بل واپس وٺڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي. سينيٽ پرڏيهه ۾ قيد پاڪستانين جي واپسي بابت سينٽر ثمينا ممتاز جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.