ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي ماري لاش ساڙڻ جي ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارڻ بعد سندس لاش ڳوٺ پهچڻ تي لاش کي ساڙڻ  واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، ڪيس ۾ نامزد  جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. جوابدارن ڏوھ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عمرڪوٽ جي رهواسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي سنڌڙي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ مارڻ بعد ڊاڪٽر جي لاش ڳوٺ پهچڻ تي لاش کي ساڙڻ جي ڪوشش واري ڪيس جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن  دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾  ٿي، ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مولوي احمد شاهاڻي، مولوي رياض پنهور، مولوي امجد پنهور، شير علي سميجو، محبوب علي ساند، غلام مجتبيٰ پنهور، نورحسن پنهور، غمشاد علي پنهور، محمد صيفل پنهور، لکمير سميجو، ارشد سميجو، عليم سميجو، محمد سليم ساند، معشوق خاصخيلي، فقير محمد پليجو، بدرالدين پنهور ۽ عبدالغفار راڄڙ کي پوليس معزز عدالت ۾ پيش ڪيو جتي جوابدارن تي عدالت ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ جوابدارن  ڏوھ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد عدالت پوليس کي جوابدارن خلاف ايندڙ ٻڌڻي تي ثبوت ۽ گواھ پيش ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي 07 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد پوليس پاران پيش ڪيل جوابدارن کي پوليس جي پهري ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت کان سينٽر جيل نيو ويو جڏهن ته پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران سخت حفاظتي اُپاءُ ورتا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.