ڪراچي ۾ تڪرار تان سوڀوديرو جا 2 ڀائر قتل ، 2 زخمي، هڪ جي حالت نازڪ

ڪراچي/ سوڀوديرو(م ڊ/ رپورٽر) ڪراچي ۾ هارون آباد واري علائقي ۾ گهر تي حملو ڪري چئن ڀائرن تي انڌانڌ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سوڀوديرو جا 2سڳا ڀائر قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي ويا، مقتولن جا  لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا  لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس موجب هٿياربندن گهر ۾ گهڙي چئن ڀائرن تي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ اسد الله ۽ سميع الله ڪمبوهه ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته  امير الله ۽ اڪرام الله زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ هو ته چئني ڀائرن جو ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڌر سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد هٿياربندن سندن گهر تي حملو ڪيو آهي، هوڏانهن ڪراچي ۾ جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، محمد اقبال ڇٽو، جسقم ضلعي ڏکڻ جي اڳواڻن نظام آريجو، ارشد آريجو، عطاالله ڳاهو ۽ ٻين سان گڏ مقتول اسد الله ۽ سميع جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي، الاهي بخش بڪڪ چيو آهي ته ڪراچي ۾ سنڌين کي قتل ڪرڻ سنڌين خلاف سازش آهي، سنڌين  ۾ خوف پيدا ڪري ڪراچي ۾ سنڌرين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اسين شهيد بشير خان قريشي جي جدوجهد تي عمل ڪندي صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي مالڪي ۽ وارثي ڪنداسين، ٻي پاسي سوڀوديرو جي نمائندي موجب مارجي ويل ڀائر سوڀوديرو لڳ ڳوٺ وليداد ڪمبوھ جي رھواسي هئا ۽ حاجي گل محمد ڪمبوهه جا پٽ هئا، چيو وڃي ٿو ته کين ڦر مزاحمت دوران ھٿياربندن قتل ڪيو، مقتولن جا لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.