ڊيووس (م ڊ) ترقي بابت عالمي اداري آڪسفيم جو چوڻ آهي ته ارب پتي اڳي کان وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن، ايندڙ ڏهاڪي اندر کرب پتي وڌيڪ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ سيڪڙو امير ترين هن وقت دنيا جي 45 سيڪڙو دولت جا مالڪ آهن، جڏهن ته تقريبن ان جي اڌ جيترا انسان روزانو 7 ڊالر ڪمائي کان به گهٽ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم (ڊبليو اي ايف) کان اڳ شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2024ع ۾ ارب پتين جي دولت ۾ 2 کرب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي، جيڪا پنجن سالن جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي وڌيڪ آهي، آڪسفيم جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اميتاڀ بهار چيو ته ”اسان هن رپورٽ کي جاڳائڻ طور تي ڏسون ٿا ته سڄي دنيا ۾ عام ماڻهو چند ماڻهن جي وڏي دولت جي ڪري نظرانداز ٿي رهيا آهن.