اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ عادل بازئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس منصور علي شاهه 18 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي هدايتن باوجود اليڪشن ڪميشن اهڙو رويو اختيار ڪيو آهي جيڪو آئيني فرضن سان ٽڪراءُ جو اختيار رکي ٿو، اليڪشن ڪميشن جو خيال آهي ته ان وٽ ٻين آئيني ادارن ۽ ووٽ جي بنيادي حق کي به نظرانداز ڪرڻ جو اختيار آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته چونڊون جمهوريت جي جان آهن، اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل جي ديانتداري جي ضامن آهي، اليڪشن ڪميشن جي آزاد چونڊ عمل کانسواءِ جمهوريت جو بنياد ڪمزور ٿي ويندو آهي، اليڪشن ڪميشن کي سياسي اثر رسوخ يا مداخلت جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن کي جمهوريت جي غير جانبدار محافظ رهڻ گهرجي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو حڪومت طرف لاڙي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي سياسي نظام جي ساک کي نقصان پهڇائيندو، چونڊ عملي جي حفاظت جو مرڪز عوام جي ووٽ جو حق آهي، حق ووٽ جي استعمال سان جمهوري نظام ۾ طاقت ۽ قانوني حيثيت عوام جي مرضي سان حاصل ٿيندي آهي.