لکي غلام شاهه: واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ شڪارپور پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پوليس اٽالا ۽ رينجرز اهلڪار ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهتو. پوليس عملدارن ڄاڻ ورتي ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪرائي وئي. شهيد محافظن جا لاش خانپور اسپتال نيا ويا. اسپتال انتظاميا موجب مقتولن جي سڃاڻپ بخشاپور واسي سالار پٽ الهيار ڊومڪي ۽ الله بخش پٽ ميهر علي ڊومڪي جي نالن سان ٿي. هڪ زخمي گارڊ جو سکر جي خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. واقعي جي اطلاع تي ڊومڪي برادري جا سوين ماڻهو فيضو واري علائقي ۾ پهچي ويا ۽ واقعي ۽ بدامني خلاف سخت احتجاج ڪيو. پوليس پاران ڏوهاري نادر ميراڻي کي مارڻ جي دعويٰ باوجود پوليس ڏوهاري جو لاش هٿ نه ڪري سگهي. ڏوهاري قهري واردات کانپوءِ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.