سکر(رپورٽر)سنڌ ۾ امن و امان جي خراب صورتحال 16 سالن کان اقتدار ۾ موجود پيپلزپارٽي حڪومت جي ناڪامي آهي، اربين رپيا امن و امان ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف آپريشنن تي خرچ ڪرڻ باوجود عوام عدم تحفظ جو شڪار آهن. 28 جنوري تي سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ امن و امان جي ناڪامي تي ايس ايس پي آفيسن سامهون ڌرڻا هنيا ويندا. اھڙن خيالن جو اظهار جماعت اسلامي سنڌ جي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا سکر پريس ڪلب جي دوري دوران ڪيو. هن نئين چونڊيل صدر پريس ڪلب آصف ظهير خان لوڌي، جنرل سيڪريٽري امداد بوزدار ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ۽ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي اصل مسئلن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ ۽ ڪچي توڙي پڪي جي زمينن تي قبضا ڪرڻ سميت پيپلزپارٽي جي اقتدار کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني جو بازار گرم ڪيو ويو آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته چئني پاسن کان سيڪيورٽي ادارن جا قلعا ۽ اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود لکن جي آبادي کي 50 ڌاڙيل يرغمال ڪري رکن؟ اهي ڌاڙيل ڪنهن وڏيري، پوليس يا وزير جي پٽ کي ڇو نه اغوا ڪندا آهن؟