اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته يمن کان سعودي عرب تي ٿيندڙ حملن کانپوءِ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جو گڏيل دفاعي معاهدو فعال ٿي ويندو.
خانگي ٽي وي چئنل ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان معاهدي تحت مدد ڪرڻ جا پابند آهيون، ان ۾ ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي.
خواجا آصف چيو ته يمن کان سعودي عرب تي ٿيندڙ حملن سان پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جو گڏيل دفاعي معاهدو آپريشنل ٿيندو.
هن جو چوڻ هو ته ٽه طرفي مڪي معاهدي موجب هڪ ملڪ تي حملو کي ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.
واضح رهي ته يمن جي حوثي جماعت انصارالله سعودي شهرن ابها، خميس مشيط، نجران ۽ جازان ۾ حملا ڪيا، جن دوران شهري ۽ اقتصادي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته حملن ۾ 73 ڄڻا زخمي ٿيا، جن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن.
وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب ۾ حوثي باغين حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙا حملا نه رڳو بيگناهه انساني جانين لاءِ خطرو آهن، پر علائقائي امن ۽ سلامتي کي پڻ متاثر ڪن ٿا.
وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت لاءِ پنهنجي مستقل حمايت جو عزم ورجايون ٿا، جڏهن ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ڀاءُ سعودي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.
سعودي عرب تي حوثين جا حملا جاري رهيا ته مڪي دفاعي معاهدو فعال ٿي ويندو: خواجا آصف
You might also like