ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن سان لاڳاپيل هڪ دلچسپ واقعو شيئر ڪندي چيو آهي ته سندس گهر جي هڪ ملازم اسٽار کان متاثر ٿي غلطيءَ سان پاڻي جا 3 کان 4 گلاس اميتاڀ بچن جي ڪُرتي مٿان هاري ڇڏيا هئا.
ڀارتي ميڊيا موجب، اڪشي ڪمار اهو واقعو پروگرام ”ڪون بنيگا ڪروڙ پتي“ سيزن 18 ۾ ٻڌايو، جتي هو اداڪار سيف علي خان ۽ هدايتڪار پريا درشن سان گڏ پنهنجي فلم جي پروموشن لاءِ شريڪ ٿيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڪشي ڪمار ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ جڏهن هو ممبئي جي علائقي لوکنڊ والا ۾ رهندو هو ته اميتاڀ بچن سندس گهر آيو هو.
اڪشي ڪمار موجب، سندس گهر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملازم اميتاڀ بچن جو وڏو مداح هو ۽ کيس سامهون ڏسي ايترو ته گهٻرائجي ويو جو پاڻي جو گلاس کڻندي کيس ڪجهه نظر ئي نه آيو.
هن ٻڌايو ته اتي پاڻي جا 3 يا 4 گلاس رکيل هئا، پر ملازم گهٻراهٽ ۾ اهي سڀئي گلاس اميتاڀ بچن جي ڪُرتي مٿان هاري ڇڏيا.
اڪشي ڪمار کلندي چيو ته ان وقت هو سوچڻ لڳو ته هاڻي ڇا ٿيندو، پر واقعو ٻڌڻ کانپوءِ اميتاڀ بچن سميت پروگرام ۾ موجود سڀئي ماڻهو کلڻ لڳا.
You might also like