لکي غلام شاهه/شڪارپور/بخشاپور (رپورٽ نديم جان مهر+ذوالفقار مگسي+زاهد بڊاڻي) رستم ويجهو ڌاڙيلن پاران اڳوڻي صوبائي وزير کان ڦر جي ڪوشش ، مزاحمت تي هٿياربندن جي گاڏي مٿان فائرنگ ، محافظن جي جوابي فائرنگ ، 2 محافظ شهيد ، اڳوڻو صوبائي وزير گهرواري ۽ گارڊ سميت زخمي ، هڪ ڏوهاري پڻ مارجي ويو ، اطلاع تي پوليس ۾ ٿرٿلو ، زخمي سکر اسپتال منتقل ، محافظن جا لاش خانپور اسپتال آندا ويا ، اطلاع تي ڊومڪي برادري جا سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ پهتا ، ايس ايس پي وڏا اٽالا ساڻ ڪري ڏوهارين پويان ويل ،علائقي ۾ ڏهڪاء : (خبر موجب) رستم ٿاڻي جي حد فيضو _ رستم روڊ مرزان واه ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي ٽولي سکر کان بخشاپور ويندڙ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب حسين خان ڊومڪي کان ڦر ڪرڻ لاءِ گاڏي کي بيهارڻ لاءِ ويگو گاڏي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ جا ڌوڙيا لائي ڏنا ته اڳوڻي صوبائي وزير جي گارڊن پڻ سخت مزاحمت ڪندي ڏهارين سان مهاڏو اٽڪايو ته هٿياربندن ۽ گارڊن ۾ ڪجھ وقت فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 خانگي محافظ شهيد ٿي ويا جڏهن ته مير غالب خان ڊومڪي ۽ سندس هڪ وڌيڪ محافظ زخمي ٿي پيا جڏهن ته مير غالب خان ڊومڪي جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن پر پوليس وارثن پاران سڌي طرح ان جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ناهي ڪئي جڏهن ته گارڊن جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ بدنام ڏوهاري پڻ مارجي ويو ۽ هڪ ڏوهاري زخمي ٿي پيو آهي هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي شڪارپور پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پوليس اٽالا ۽ رينجرز جا اهلڪار ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي معلومات ورتي ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪرائي پوليس ذريعي شهيد ٿيل ٻنهي محافظن (گارڊن) جا لاش خانپور اسپتال موڪليا جتي پوليس ۽ اسپتال انتظاميا موجب مقتول محافظن جي سڃاڻپ بخشاپور واسي سالار پٽ الهيار ڊومڪي ۽ الله بخش پٽ ميهر علي ڊومڪي جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته زخمي ٿيل اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب حسين ڊومڪي ۽ سندس زخمي گارڊ کي سکر جي هڪ خانگي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي جتي سندن علاج جاري آهي ٻئي طرف واقعي جي اطلاع تي ڊومڪي برادري جا سوين ماڻهو فيضو واري علائقي ۾ پهچي واقعي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف سخت احتجاج پڻ ڪيو هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا ڏوهارين پويان ويل آهن جيڪي علائقي ۾ سرچ ڪري رهيا آهن جڏهن ته پوليس پاران هڪ ڏوهاري نادر ميراڻي کي مارڻ جي ڪيل دعوا باوجود پوليس ڏوهاري جو لاش هٿ ناهي ڪري سگهي هوڏانهن ڏوهاري قهري واردات ڪرڻ کانپوءِ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ ڇانيل آهي.پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه، گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار واقعي جي مذمت ڪئي ۽ غالب ڊومڪي جي ٻن محافظن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي.