1934ع ڌاري ڪڙيو گهنور خان جي نالي راهوڪي نالي ننڍي ڳوٺ ۽ علائقي جي چڱي مڙس احمد خان راهو جي گهر ۾ صالح پڄاڻان سڪي پِني پٽ جو اولاد ٿيو ته مٽن مائٽن ۾ خوشيءَ جي انتها نه رهي پر سڀني کي اها چنتا کائڻ لڳي ته هِن ڌراوت کي سانڍجي ڪيئن!!؟ وقت گذرڻ سان گڏ فاضل به وڏو ٿيندو ويو پر هُو ڳوٺ ۾ هڪ جيڏن ٻارن کان مختلف نظر ايندو هو، جتي ٻيا ٻار ڊپ وچان وڃي نه سگهندا هئا اُتي هي بنا ڊپ جي هليو ويندو هو. جڏهن جوان ٿيو ته موجوده تعلقي شهيد فاضل راهو واري ايريا ۾ هي پهريون ماڻهو هو جو هڪ وڏي ڪار خريد ڪري آيو. ان وقت روڊ ته عام ڪونه هئا، تڏهن ٽنڊو محمد خان کان گوني واهه يا ڪئنال وسيلي ڳوٺ ايندو هو ته ڪچن رستن تي ڪار جي ڊوڙڻ ڪري مٽي يا ڌوڙ اڏامندي هئي جنهن جو اثر ان علائقي جي بااثر وڏيرن تي پيو جنهن تي هُو ڪاوڙجي پيا ۽ فاضل جي والد وڏيري احمد خان وٽ پهچي کيس چيائون ته ”تنهنجي ڇوڪري ڪار ته خريد ڪئي آهي پر هي ان ۾ گئس (پئٽرول) ڪٿان آڻيندو؟ ۽ هي جو رستن تي ڪار ڊوڙائيندو مٽي اڏائيندو پيو ورتي جتان اسان لنگهي نٿا سگهون، ان کي سمجهاءِ.“ جنهن تي احمد خان راهو علائقي جي وڏيرن کي اهو جواب ڏنو ته ”بابا! گاڏي به ڇوڪر ورتي آهي ان جي هلائڻ يا تيل جو بندوبست به پاڻ ئي ڪندو، مونکي ڪا به خبر ڪونهي.“
اهو دور اهڙو هو جو موجوده ضلعو بدين ان وقت ٽنڊو محمد خان يا حيدرآباد ضلعي ۾ شامل هو ۽ ان ايريا تي حڪم فقط ٽنڊو محمد خان جي ميرن جو ئي هلندو هو. ميرن جو ڪمدار رات جو ڳوٺن ۾ ميرن جي حڪم جو پڙهو ڏياري ڇڏيندو هو ته ماڻهو ان حڪم مطابق ڪم ڪار کي لڳي ويندا هئا. انهي دوران ملڪ اندر بلدياتي اليڪشنون ٿيون ته بدين تعلقي جي ترائي يونين ڪائونسل جي چيئرميني جي چونڊ دوران فاضل راهو ۽ ٽنڊو محمد خان جي مير اعجاز ٽالپر جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ مير ۽ ان جا ماڻهو زخمي ٿيا پر ان چونڊ ۾ فاضل راهو اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. ان کانپوءِ ايوب دور ۾ سنڌو درياهه تي غلام محمد بئراج ٺاهيو ويو ۽ ان جو پاڻي حيدرآباد ضلعي جي مختلف تعلقن ڏانهن ڪئنالن ذريعي ڏيڻ جو پلان ٺاهيو ويو ۽ وفاقي حڪومت اهو اعلان ڪيو ته ان علائقي ۾ جيڪي سرڪاري زمينون آهن اُتي غير سنڌي ماڻهن کي آڻي آباد ڪيو ويندو، جنهن ۾ مشرقي پاڪستان کان بنگالي به آندا ويا ۽ پنجاب کان ماڻهو آڻي اُتي چڪن جو بنياد وڌو ويو. اهڙين حالتن ۾ شهيد فاضل راهو ان وقت جي کاٻي ڌر ڪميونسٽ پارٽي جي سلام بخاري سميت ٻين ساٿين سان صلاح مشورا ڪندي تجويز ڏني ته سنڌ جون زمينون نيلام پيون ٿين ان تي جدوجهد هلائجي، جنهن تي ڪامريڊن کيس اهو جواب ڏنو ته هي آمريتي ڪارو دور آهي ان ۾ جدوجهد هلائڻ جو موقعو آهي ئي ڪونه، اسان پاڻ انڊر گرائونڊ آهيون ۽ جڏهن حالتون سازگار ٿينديون ته جدوجهد هلائبي. پر فاضل کي اها ڳالهه دل سان نه لڳي ۽ هن اڪيلي سر گاڏي ڊوڙائي مختلف علائقن مان ماڻهو آڻي ٽنڊو محمد خان ۾ ”سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪريو“ جي نعري هيٺ بک هڙتال شروع ڪرائي. ٽنڊي محمد خان اندر ان وقت پوليس جو ايترو ڏهڪاءُ هو جو ماڻهو شهر ايندي به خوف کائيندا هئا، تڏهوڪن ڏينهن ۾ ميرن پنهنجو خاص پوليس عملدار ملوڪ چنڙ مقرر ڪرايو هو جنهن کي هر اختيار ڏئي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو ته جيئن ميرن جي بادشاهت قائم رهي پر فاضل انهن کي خاطر ۾ ئي نه آندو ۽ پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيائين، جنهن ۾ اها تاريخي حقيقت آهي ته شهيد فاضل راهو ان وقت جا جيڪي پوليس جي ڏاڍ کي منهن ڏئي پئي سگهيا يا ڏاڍا مڙس هئا، وٽن لنگهي وڃي کين چيو ته هي مهل آهي ته پاڻ سنڌ سان ملهايو. نيٺ اها تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ حڪومت حيدرآباد جي ڪمشنر ذريعي احتجاجي ڪئمپ سان رابطو ڪري مقامي ماڻهن کي زمين ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ فاضل راهو پنهنجي گاڏي ذريعي روزانو آر او يا سي او جي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ درخواستن لکڻ وارن سان گڏ هارين، مزدورن ۽ مهاڻن کي وٺي وڃي ڍنڍون ۽ زمينون ليز ڪرائي ڏياريون، اهڙي ريت ”سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪريو“ واري احتجاجي تحريڪ ڪاميابي ماڻي.
شهيد فاضل راهو ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ رسول بخش پليجو سان گڏجي جدوجهد شروع ڪئي ۽ واهڻ وستين ۾ جلسا ڪيا، اهڙي طرح عوامي تحريڪ جو بنياد پيو، جنهن ۾ ان وقت جا ناليوارا ماڻهو مير علي بخش ٽالپر، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ٻيا شامل هئا. جنهن کانپوءِ سنڌ اندر قومي ۽ طبقاتي جدوجهد واري سياست جو بنياد وڌو ويو ۽ رسول بخش پليجو سان گڏجي شهيد فاضل راهو مختلف علائقن جا دورا ڪري پارٽي جي پرچار ڪندو رهيو ۽ پارٽي کي پنهنجي وسيلن آهر منظم ڪرڻ ۽ ان کي سياسي ڌارا ۾ آڻڻ جي جدوجهد رنگ لاتو پر حڪومت کيس امن امان ۾ خلل سمجهندي گرفتار ڪري قيد ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ به رسول بخش پليجو ۽ محمد فاضل راهو صاحب جيل جون صعوبتون به برداشت ڪندا رهيا. جنرل ضياءَ جي اچڻ ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ختم ڪرڻ کانپوءِ ڀٽو بچايو تحريڪ، جيڪا صحافين، هارين ۽ شاگردن تي مشتمل هئي، جنهن جو مرڪز ڪراچي هو، جتي هڪ هاري، هڪ صحافي ۽ هڪ شاگرد گرفتاري ڏيندا هئا، ان ۾ شهيد فاضل جو نمايان ڪردار رهيو جنهن ۾ سندس گهر تي پوليس ڇاپا هنيا ۽ چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو پر شهيد فاضل سندن اڳيان آڻ نه مڃي. ان کانپوءِ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو ته ملڪ اندر سياسي ماٺار ڇانئجي وئي هئي، جنهن منجهه هڪ چرپر واري لهر پيدا ڪرڻ لاءِ آڪٽوبر 1979ع ۾ راهوڪي اندر ملڪگير هاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ان وقت جي حاڪمن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، جنهن کانپوءِ بي دريغ گرفتاريون شروع ڪيون ويون، جناب رسول بخش پليجو صاحب، محمد فاضل راهو ۽ سندن ساٿي مٺو مهيري، حسين بخش ناريجو، گل چانگ کي به گرفتار ڪيو ويو. ٻئي طرف محمد فاضل راهو جي گهر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڇاپا هڻي سندس نوجوان پٽ محمد صديق کي گرفتار ڪري مٿس تشدد جا پهاڙ ڪيرايا ويا، کيس کڏ کوٽي زمين اندر پوريو ويو پر ان نوجوان به پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ملهائيندي خوش دلي سان اهو تشدد برداشت ڪيو. مارشل لا حڪومت فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي جون ملڪيتون نيلام ڪرڻ ۽ سزائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ته ٻين عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي سرعام ڪوڙا هڻڻ جون سزائون به ڏنيون ويون. حڪومت جي اهڙي جبر ۽ تشدد جي باوجود عوامي تحريڪ اڳتي وڌندي رهي ۽ ان جا اڳواڻ رسول بخش پليجو ۽ محمد فاضل راهو جيل جون صعوبتون برداشت ڪندا رهيا پر انهن ڪڏهن به آڻ نه مڃي.
جولاءِ 1986ع ۾ ملڪگير کاٻي ڌر جي هڪ وڏي ۽ طاقتور پارٽي عوامي نيشنل پارٽي جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو صدر خان عبدالولي خان هو، جڏهن ته سينيئر نائب صدر محمد فاضل راهو ۽ سيڪريٽري جنرل جناب رسول بخش پليجو کي مقرر ڪيو ويو هو، ان وقت اسان جي پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ ڪميونسٽ انقلاب اچي چڪو هو جنهن جي ڪري پاڪستاني حڪومت کي تمام گهڻا خدشا هئا، جنهن ڪري ملڪ اندر سوويت يونين جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ لاءِ ڪيتريون ئي سازشون سٽيون ويون.
اهڙي ئي هڪ گهري سازش تحت 17 جنوري 1987ع ۾ گولاڙچي شهر اندر سنڌ جي هن انمول هيري کي قتل ڪرايو ويو جنهن جو خال اڄ تائين ڀرجي ناهي سگهيو.