سنڌ جي سُڳنڌ سنڌو درياهه مان کنيل وھندڙ چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ باغي صوفي منش انسان، جنھن وٽ وطن جي محبت بي پناھه سمايل ھئي، جيڪا سندس ڏاڏي حيدر شاهه سنائي طرفان موروثي ملڪيت طور ملي ھئي، پاڻ حيدر شاهه سنائي اُن تحريڪ جو اھم اڳواڻ ھو، جيڪا تحريڪ ڌارين خلاف سنڌ اندر سراپا مزاحمت ھئي، جنھن مھدوي تحريڪ جي سپهه سالار ميران محمد جونپوري جا سامونڊي ٻيڙا ساڙي ڪابل ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، اُن بلاولي تحريڪ جو روح روان اڳواڻ مخدوم بلاول ھو، جيڪو فتويٰ فروشن جي جاري ڪيل فتويٰ ھٿان گھاڻي ۾ پيڙھيو ويو. اُنھيءَ فڪر جي روشني ۾ پلجندڙ عظيم باغي انسان، جنھن جي زندگي جو داستان ايڏو ته اڙانگو ۽ پيچيده آھي، جيڪو سنڌ جي ھڪ ڊگھي ڪھاڻي بڻجي ويو آهي. پاڻ اڃا ننڍو ئي ھو ته سندس والد محمد شاهه جي شفقت کان محروم ٿي ويو.
سائين جي ايم سيد اُھو يتيم ٻار ھو، جنھن کان ننڍپڻ ۾ ئي والد جو سايو کسجي ويو، سيد گھراڻي جو ھي اڪيلو ننڍو ٻار ھو، جيڪو عيش عشرت واري زندگي گذاري ھا ته گذاري سگهي پيو، پر تقدير کي اِھو شايد منظور ئي ڪونه هو، تنھنڪري تقدير کيس سنڌ جو سائين بڻائي پنھنجي سُنھري لفظن ۾ لکڻ پئي چاهيو، سندس جي رڳن ۾ سنڌوءَ جو اُھو پاڪ پوتر جھل سمايل ھو، جيڪو لوھار جي ڌمڻ جيان محبوبا سنڌ جي محبت جا گيت سنڌو درياهه جي ڪپ تي ويھي ڳائي سنڌي قوم کي جاڳائيندو رھندو ھو، جنهن وٽ پنھنجي ديس ڌڻين لاءِ محبت ۽ ڌارين لاءِ نفرت سمايل ھئي.
سائين جي ايم سيد جڏهن شعور جي اک کولي، تڏهن سنڌ مٿان غلاميءَ جا ڪارا بادل اھڙي طرح ته آسمان تي ڇانئجي چڪا هئا جو سنڌ جو نالو وٺڻ به ڪفر بڻجي چڪو هو. پاڻ اُن سماج ۾ ھٿ ٺوڪيل رواجي رسمن کي ڌوڏي ڇڏيو، جتي پيري مريدي وارين رسمن سنڌي ماڻھن کي غلام بڻائي ڇڏيو، جيڪي پنھنجي زندگي غلاميءَ ۾ گذاريندا هئا ۽ پنھنجي حقن کان محروم ھئا، جتي سيد پيري مريديءَ جي آڙ ۾ سنڌ جي ماڻهن کي غلامي طرف ڌڪي ماڻهن کان ڏن وٺڻ لاءِ ويندا هئا. پاڻ سن جو سيد اُتي اڪيلي سر بيھي ڪري پنهنجي شعور جي روشني سان اُنھن ھٿ ٺوڪيل رسمن ۽ رواجن خلاف بغاوت جي جنگ جوٽي ۽ سنڌي قوم ۾ ھڪجھڙائي واري فڪر جي پرچار ڪري ماڻھن کي پنهنجن حقن گھرڻ جي تلقين ڪندو رھندو ھو، جيڪي پيري مريديءَ جي نانءُ تي ماڻھن ڏانهن ڏن وٺڻ لاءِ ڳوٺن جا رخ ڪندا ھئا. پاڻ اُنھيءَ وقت اُنھن جي اڳيان ديوار بڻجي اُنھن کان پاسيرو ٿي ڪري سنڌ جي ماڻھن ڏانهن ڏن وٺڻ بجاءِ پنهنجي قوم جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ جھر جھنگ ۾ نظر ايندو رھيو. پاڻ اُن وقت راتين جون راتيون جاڳي ڪري پنھنجي سنڌي قوم جي خوشحالي لاءِ خوبصورت خوابن جي اُميد رکندڙ سن جو اُھو پوڙهو جھور شينهن جنھن وٽ سياست، ادب، علم، صداقت، سونھن، سچائي، ھمت ۽ بھادري هئي، جيڪو پنھنجو مٽ پاڻ ھو. پاڻ سدائين غلاميءَ جھڙي بدڪار داغ کي سنڌ ڌرتيءَ جي تسبيح سان ڌوئي ڇڏيندو ھو. پاڻ ڌرتيءَ جي ازلي عشق سمجهندي پنهنجي پوري زندگي اُن محبوبا ڌرتي جي عشق ۾ لڳائي. سائين جي ايم سيد کان اڳ سنڌين کي پنهنجي قومي هيروز جي ڪا خبر ڪونه هئي.
اُن وقت سائين جي ايم سيد جڏهن راجا ڏاهر کي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا سورما“ ۾ لکي سنڌ جو قومي ھيرو پيش ڪري سنڌي قوم آڏو آندو، جنھن تي وڏو ممڻ مچي ويو. سائين جي ايم سيد دليل ڏنو ته راءِ سھاسي جي گھراڻي جو ولي عھد سنڌ جو اول شھيد مھا راجا ڏاھر آھي، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪندي حمله آورن ھٿان شھيد ڪيو ويو. اڄ به سندس سونهن جا ڪرڻا نگري نگري ڦھليل آهن، جنھن سنڌ جي ماڻهن کي سنڌي قوم ۽ آزاد سنڌ وطن جو تصور ڏنو، جيڪي آيل قبيلا، نسل ۽ ذاتيون آريا، سامي، منگول، وديا دراوڙ، مھاڻا، راجپوت ۽ ٻيا ڪيترائي اچي وڃن ٿا، جن جي رھڻي ڪرڻي، لباس، ٻولي، ڪلچر، ثقافت ۽ مذھب ۾ سمايل هئا، جن جا نشان ھتي آسانيءَ سان ڳولي سگھبا، جيڪي ھن خطي تي رھي ملي جھلي ھڪ سنڌي قوم بڻجي ويا.
سائين جي ايم سيد ورهين جي قديم سڀيتا جو اُھو فڪري وارث ھو، جنهن جي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ نھايت شاھوڪار رھي آھي، اُھا ئي قديم تھذيبن جو آشيانو به رهي آهي، جتان موھن جي دڙي جي قديمي آثار به آسانيءَ سان ڳولي سگهبا. سائين جي ايم سيد سنڌ ڌرتيءَ سان وفائي جا وچن ورجائيندي دنيا جون سموريون آسائشون ۽ سڪون جو سبب بڻجندڙ دنياوي لذتون، سامان و جائيداد وغيرہ کي پاسيرو رکي ڪري سورن، سختين، ڏکن، ڏاکڙن، مايوسين ۽ محرومين سان منھن مقابلي ھوندي به سيد رات ڏينهن ڪر کڻي آڪاش سان ٽڪرائيندو رھي ٿو. تاريخ گواهه آهي ته جنهن ويل به سنڌ مٿان سامراج جو قھر ٽُٽو ۽ مختلف روپن ۾ سازشي ھوائن ماتر ڀومي سنڌ جو رخ ڪيو، تڏھن سائين جي ايم سيد وطن جي دفاع لاءِ سازشين ۽ سامراج خلاف اڏول ٿي بيٺو رھيو. جنھن لاءِ سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز چيو آهي:
ھي جو پوڙهو جھور، وڙھندي ٿيو ويڙھ ۾
اَڃان ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مور
سوچي ڏسي ڏور ايندڙ آرڻ ڏينهڙا.
(شيخ اياز)
سچ پچ ته پاڻ سدائين سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي واري راھه تي ھلندي ڪڏهن به ڪنهن فرعوني طاقت آڏو نه جھڪيو، شايد ئي ڪوئي عذاب ھجي، جيڪو سائين جي ايم سيد سنڌ جي عشق ۾ ڀوڳيو نه ھجي. پاڻ جڏهن به سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ته سندس لاءِ جيلن جا در کليا، کيس نظربند ڪيو ويو، سندس تحرير ۽ تقرير تي بندش وڌي وئي، سندس مٿان مختلف تھمتون ھڻي نقادن بيجا تنقيد ڪئي، پر تنهن باوجود به سنڌ جي سيد وطن جي عشق ۾ بغير ڪنهن شڪايت جي اُھي سڀئي عذاب سٺا، کيس نه ڪا فتويٰ ٽوڙي سگهي. سائين جي ايم سيد جي سوچ جو دائرو وسيع هو، سندس سوچ انفرادي نه بلڪه اجتماعي هُئي. جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو انفرادي طور سوچيندا آهن ۽ انفرادي زندگي جيئڻ جا عادي هوندا آهن، پر سائين ڪڏهن به انفرادي طور نه سوچيو، سندس سوچ ۽ لوچ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هُئي. هن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي تاريخ ساز فيصلا ڪيا، سياسي طور ڪيتريون تبديليون آندائين،
اهڙيءَ ريت سائين جي ايم سيد جي زندگي عمل جي ميدان ۾ گُذري. پاڻ سدائين سنڌ سان عشق سبب سنڌي عوام جي ڀلائي ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي، ڇو ته سائين جي ايم سيد کي اِھا مڪمل طور خبر ھئي ته شخص جي محبت ۽ پيار کان ڌرتيءَ ۽ وطن جو پيار اُتم ھوندو آھي. اُنھيءَ ڪري پاڻ اڪثر چوندو رھندو ھو ته ”جسماني عشق کي ڇڏي، ڌرتي جي عشق ڏانهن اچو ته بيوفائيءَ جو تصور ئي ناهي، اوھان کي اوھان جو عشق ھميشه لاءِ امر ڪندو.“ سائين جي ايم سيد اُھو واحد عظيم انسان ھو، جنھن وٽ ڌرتي جو پيار ۽ پنهنجي ڪارڪنن لاءِ سمنڊ جي اُنھن ڇولين جيان ھو جنھن کي ڪڏهن به ماپي نٿو سگهجي. پاڻ سنڌ جو پوڙهو جھور عاشق، جنھن پنھنجي پوري زندگي محبوبا سنڌ ڌرتيءَ جي عشق ۾ ارپي ڇڏي، سندس جي عشق، ارڏائپ، بھادري ۽ ھمت جا داستان ٻڌي ھزارين نوجوان ڳڀرو به عاشق ٿي پيا.
پاڻ امن، عالم، اتحادِ انساني، ترقِي بني آدم واري راھه تي ھلندي حق ۽ سچ جو اُھو پيڪر بڻجي ويو، جنھن جي نظر ۾ سڀني مذهبن کان مٿانهين انسانيت ھئي- ھو تھذيبن جي ٽڪراءَ واري نقطه نظر بدران انسانيت ۽ مذھب جي پرامن بقا ۽ باھمي جو پرچارڪ هو، جنھن کي مختلف مذهبن جي ڪسرت پٺيان وحدت جو پسمنظر شاهه عنايت صوفي شھيد جي تعليم ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فڪري آبياري حاصل ھُئي- ان کي وڌيڪ پڪو پختو مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر ۽ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين جي صحبت ۽ تعليم جو وڏو اثر ھو. سَيد حضرت عيسيٰ عه ۽ مهاتما گانڌي جي عدم تشدد واري واٽ تي ھلندي پوري عالمِ انسانيت ۽ سنڌي قوم کي اِھو ٻڌايو ته اسلام جو حقيقي روح تصوف ۽ رواداري ۾ شامل آهي، نه ڪي ڪنھن انتهاپسند جي تشريح ڪيل مذهب ۾، جَن مذھب کي وڌائڻ لاءِ ٻين ملڪن کي فتح ڪري پنهنجي اجاراداري قائم ڪئي. اهڙي طرح سائين جي ايم سيد هر قسم جي استحصال جي خلاف هو. هُن پَنهنجي قوم ۽ وطن لاءِ تاريخي ۽ جائز حقن جي ڳالهه ڪئي، جَنهن جي پاداش ۾ مَٿس بغاوت ۽ غداريءَ جا نه صرف الزام هنيا ويا، پر ڪيس به داخل ڪيا ويا، جَن کي سائين جي ايم سيد مُرڪي منهن ڏنو، ۽ هن هر ڀيري ثابت ڪيو ته هو سهپ، ۽ برداشت جو ديوتا آهي، جنهن ڪري ئي ته سندس چاهيندڙ چوندا رهن ٿا ته سيد، ۽ سنڌ ساڳي نينهن جو نالو آهي- جَن مَنجهه عالمِ انسانيت جو پيغام موجود آهي.
اچو ته! سڀ گڏجي 17 جنوري ھِن عظيم ڏينهن تي رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي 121ھين جنم ڏينهن تي سنڌ جي سياسي مرڪز سن ۾ گڏ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏئي پَنهنجي ذاتي انائن کي ختم ڪري اِھو وچن ورجايون ته سنڌ مان انتھاپسندي کي ختم ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي لاءِ ساهه جي آخري گھڙي تائين جدوجهد ڪندا رھنداسين ۽ جيڪي سنڌ جي عشق جي ڏوھه ۾ ٽارچر سيلن ۾ قيد آهن، جيڪي ڏينهن رات ڏک، تڪليفون ۽ عذاب سٺي رھيا آھن، اُنھن قومي اسيرن لاءِ ڀرپور آواز اٿارينداسين.