مهانگائي گهٽ ٿي 3 سيڪڙو تي اچي وئي آهي:محمد اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي اصلاحات سبب مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ موجوده قرض پروگرام آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو. پرڏيهي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج کان پوءِ ڪريڊٽ ريٽنگ ۽ خودمختار ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ بهتري آئي آهي، ميڊيا ۾ نظر ايندڙ صورتحال کان زميني صورتحال ڪافي بهتر آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين جي لاءِ سيڪيورٽي قدم کنيا پيا وڃن.

  1. ڪرم ۾ ٽماٽا 700 ،ساوا مرچ 800 رپيا ڪلو وڪرو

پشاور (م ڊ)ضلعي ڪرم ۾ پھچڻ واري کاڌي پيتي جي شين جو وڌيڪ اگھن تي وڪري جو انڪشاف ٿيوآھي. ڪرم واسين جو چوڻ آھي تھ ٽماٽا 700، گوبي 500  ، ميھا 500 ۽ بصر 500 روپيا في ڪلو وڪامجي رھيوآھي.جڏھن تھ ساوا  مرچ 800 کنڊ 200 ۽ چانھن جي پتي 2200 روپيا في ڪلو وڪامجي رھي آھي.شھرين پاران حڪومت کان مطالبو ڪيو ويوآھي تھ  اپر ڪرم جي لاءِ ضرورت واري شين جو گھٽ م گھٽ 500 ٽرڪن تي ٻڌل قافلو روانو ڪيو وڃي.

  1. پاڪستان ڪڏهن به باضابطا اتحادي ناهي رهيو: آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سلامتي ڪائونسل جي صلاحڪار جان ڪربي چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به آمريڪا جو ڪنهن معاهدي ۾ پابند رسمي اتحادي ناهي رهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن معمول جي پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گذريل سالن دوران دهشتگردي خلاف آمريڪي ڪوششن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به قسم جو باضابطا دفاعي معاهدو نه ٿيڻ باوجود دهشتگردي جي خاتمي ۾ ڪردار سان پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ سيڪيورٽي خدشن بابت ترجيحن جو اندازو ٿئي ٿو. جان ڪربي چيو ته پاڪستان ڪڏهن به آمريڪا جو ٽيڪنيڪي اتحادي ناهي رهيو، يعني پاڪستان سان اتحاد جو ڪو معاهدو نه هو. هن چيو ته يقيني طور تي گذريل ٻن ڏهاڪن کان اسان پاڪستان سان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀائيواري ڪئي، جيڪا هاڻ به جاري آهي.

  1. بلاول ڀٽو سان پارٽي اڳواڻن جون ملاقاتون

ڪراچي ( رپورٽر ) پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ڪالھ بلاول ھائوس تي مختلف پ پ اڳواڻن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آھن جن ۾ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ پٽ اسد علي شاھ سميت ملاقات ڪئي،جڏھن ته ملاقات ڪندڙن ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ ، صوبائي وزير علي حسن زرداري ،ميمبر سنڌ اسيمبلي شير محمد مغيري،۽ پ پ بلوچستان جو اڳواڻ صابر بلوچ شامل ھئا، ملاقات دوران مختلف سياسي ، پارٽي ۽ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

  1. حيدرآباد ۾ گهر اندر گئس سلينڊر ڌماڪو، ٽائون چيئرمين جو ڀاءُ زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي شاھه لطيف ٽائون جي چيئرمين جي گھر اوچتو گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. جنھن سبب ٽائون چيئرمين جو وڏو ڀاءُ اساما حفيظ سڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي فوري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي، سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل اسامه حفيظ پي ٽي آءِ حيدرآباد جو قائم مقام صدر پڻ آھي. جنھن کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. جنھن کي پھريان سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ طبي امداد ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.