فشريز کاتي  جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري خلاف نوٽيس جاري، جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميرين فشريز کاتي  جي ڊائريڪٽر جنرل جي 19هين گريڊ کان 20هين گريڊ جي  مقرري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي،عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏياآهن .عدالت ڌرين کان 12 فيبروري  تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته رولز جي مطابق ڊي جي ميرين فشريز جو عهدو گريڊ 20 جو آهي، وڪيل چيو ته رولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي 19 گريڊ جي آفيسر منصور علي وساڻ کي ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي،وڪيل درخواستگذار چيو ته ڊي جي، جي مقرري بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي،وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي تي ڊائريڪٽر جنرل جي شڪايت جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي وڪيل چيو ته عدالت وفاقي حڪومت کي هدايت ڪري ته ڊي جي ميرين فشريز جي عهدي لاءِ 20 هين گريڊ جي آفيسر کي مقرر ڪري .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.