تنگواڻي ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جي باهه، وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا، انگ 6 ٿي ويو

تنگواڻي ( رپورٽ: مھتاب ملڪ )تنگواڻي مان وڌيڪ 2 پورھيت  چاچا ڀائٽيا اغوا ٿي ويا، ضلعو ڪشمور اغوا انڊسٽري بڻجي ويو، تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حيات کوسو مان چاچو گل حسن کوسو  پنھنجي ڀائٽي مورزادو کوسو سميت نامعلوم ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويو، اناج جي ديري تي چوڪيداري لاءِ ڪنڌڪوٽ ستل ٻنھين پورھيتن کي جڏھن وارثن صبح جو سنڀاريو ته ٻنھي ڄڻن جا ھنڌ بسترا خالي مليا، پيرا مين روڊ ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي کان بعد نه مليا جتي وارثن اعظم کوسو،عبدالرشيد کوسو، فيروز کوسو پاران ٽائر ساڙي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او تنگواڻي مولا بخش بگٽي پھچي وارثن سان ڳالھيون ڪيون ۽ 3 ڏينھن جي مھلت بعد روڊ کولرايو،واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، تعلقي اندر مغوين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو،مغوين ۾ امان الله پھوڙ،محمد نواز پھوڙ،لياقت علي بھلڪاڻي،شڪيل بھلڪاڻي ۽ ٻيا شامل آھن، وارثن پاران جلد مغوين جي بازيابي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.