ڪراچي ( رپورٽر ) ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جي صدر ۽ سابق ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو علماءَ ڪرام کي اپيل ڪئي آهي ته هو 17 جنوري تي پنهنجي جمعي واري خطبي ۾ اُتر سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال کي به پڌرو، حڪومتي نااهلي ۽ بدامني خلاف عوام جو شعور بيدار ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ھن وقت ڪراچي کان ڪشمور سموري سنڌ بدامنيءَ جي باھ ۾ ٻري رهي آھي سکر ۾ جماعت اسلامي پاران بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس وقت جي ضرورت هئي اميد ڪري سگهجي ٿي ته ان اي پي سي جي نتيجي ۾ حڪمران ٽولو بيدار ۽ امن امان جي بحالي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته سنڌ جي ترقي امن ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ به خصوصي دعائون گهريون وڃن.