ڪراچي گارڊن ويسٽ مان 2 ٻارڙا پراسرار نموني گم

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گارڊن ويسٽ مان 2 ٻارڙا پراسرار نموني گم ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته والدين گارڊن ٿاڻي  تي ڪيس داخل ڪيو آهي، ٻارڙا 2 ڏينهن ٻاهر کيڏڻ ويا هئا جتان گم ٿي ويا آهن، گم ٿيل ٻارڙن ۾ 5 ورهين جو عاليان ۽ 6 ورهين جو علي شامل آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻارڙن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي پر فوري طور تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي ٻارڙا هڪ ئي علائقي جا رهواسي آهن، ٻارڙن جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. هوڏانهن سنڌ حڪومت ٻارڙن جي گم ٿيڻ جو وٺندي اعليٰ اختيارين کي جلد ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.