ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ٽن نوجوانن کي گهوٽڪي مان اغوا ڪرڻ جي دل ڏکوئيندڙ واقعي تي سنڌ حڪومت جو نوٽيس ورتو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو آسرداس هيمناڻي هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت هن واقعي کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي. هن يقين ڏياريو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اغواڪارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ان حوالي سان گهوٽڪي ۽ ڪشمور پوليس گڏجي قدم کڻي رهيا آهن. حڪومت سنڌ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي پنهنجي پهرين ترجيح سمجهي ٿي. اسان يقيني بڻائينداسين ته مغوي نوجوان جلد کان جلد پنهنجي گهر واپس وڃن.