آرمي چيف جي موجودگي ۾ گنڊاپور ۽ فيصل ڪريم ۾ تلخي

اسلام آباد(حماد حسن) گذريل ڏينهن آرمي چيف پشاور ۾ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون .  جن ۾ گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور، ايمل ولي، حافظ نعيم الرحمان،آفتاب شيرپائو، مولانا عطاءِ الرحمان ۽ بيرسٽر گوهر شامل هئا. ان کان علاوه امير حيدر هوتي ۽ محمود خان .ملاقاتن ۾ طالبان فتني ۽ دهشتگردي جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. ايمل ولي گنڊاپور جي موجودگي ۾ چيو ته هنن جي ڪابينا۾ ته طالبان موجود آهن.ڪنهن پڇيو ته ڪهڙا طالبان ته هن چيو بيرسٽر سيف ته طالبان سان گڏ وڙهندو رهيوآهي.جنهن سان تلخي ٿي. فيصل  ڪريم ڪنڊي سوال ڪيو ته صوبي کي دهشتگردي خلاف 500 ارب روپيا مليا هيا انهن جو ڇا ٿيو؟اهي پيسا مختلف وقتن تي ملندا رهيا هئا ان ڳالهه تي گنڊاپور پنهنجي جاءِ تي اٿي هن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته تون چپ ڪر، تون الزام پيو لڳائين اسان پيسا ناهن کاڌا. جنهن تي ماحول خراب ٿي ويو ۽ گوڙ به ٿيو. آرمي چيف کيس ويهڻ ۽ ڳالهيون ٻڌڻ جو چيو . گنڊاپور ٿورو وڌيڪ جذباتي ٿي ويو ۽ پوءِ اتان نڪري ويو.کيس ڪنهن نه روڪيو وري ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي ويو.امير حيدر ۽ محمود خان جيڪي ڳالهيون ڪيون سي دليلن واريون وزنائتيون هيون.آفتاب شيرپائو به بهتر ڳالهيون ڪيون. حافظ نعيم بي وزني ڳالهيون ڪيون.پنجن ڇهن منٽن بعد گنڊاپور واپس اچي ويو ۽ ڪورڪمانڊر هن کي سندس سيٽ ڏانهن اشارو ڪيو ته ويهو .ٽن اڳوڻن وڏي وزيرن جي ڀيٽ ۾ گنڊاپور وٽ ڪا خاص معلومات نه هئي.ميٽنگ ۾ بيرسٽر گوهر به موجود هيو. بظاهر پي ٽي آئي وارا فوج سان منهان منهن ٿيندا آهن پر بيرسٽر گوهر اهڙيون اهڙيون مٺيون ڳالهيون ڪيون ۽ زمين آسمان هڪ ڪيو جو ڪجه شريڪ ماڻهو مسڪرائڻ به لڳا.فوج جي تعريف ۽ آرمي چيف جا به قصيدا پڙهيا.ايمل ولي چيو ته ڏکي صورتحال ۽ حالت جنگ ۾ ته اسان بيٺا آهيون.گنڊاپور جي ايمل ولي سان به تلخي ٿي.مولانا عطاءُالرحمان تلخ ڳالهيون ڪيون جن کي آرمي چيف غور سان ٻڌو ۽ بعد ۾ قرآن پاڪ جي آيتن جو ورد ڪيو ۽ کيس مدلل جواب ڏنو.۽ چيو ته هي اسان سڀني جي ويڙهه آهي توهان ماڻهن کي موٽيويٽ ڪيو ۽ سجاڳي پيدا ڪيو. اسان هن فتني تي قابو پائينداسين.باقي سياسي معاملا توهان ڄاڻو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.