ٻاهرين ايجنڊا ذريعي عوام ۽ فوج ۾ ويڇا پيدا ڪيا ويندا آهن: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته افغانستان سان رڳو فتناخوارج جي اتي موجودگي ۽ پاڪستان ۾ سرحد پار کان دهشتگردي پکيڙڻ تي  اختلاف آهي، پاڪ فوج جي ترجمان شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف پشاور جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن خيبرپختونخواهه جي سياسي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪو به وڏي پيماني تي آپريشن ناهي ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي فتنا خوارج پاڪستان جي ڪنهن علائقي ۾ سرگرم آهن، صوبي ۾ رڳو ڳجهي اطلاع تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي، آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير سوال ڪيو ته ڇا زمين تي فساد ڪرڻ الله جي نظر ۾ وڏو گناهه ناهي؟ رياست آهي ته پوءِ سياست آهي، رياست نه آهي ته پوءِ ڪجهه به ناهي،  دهشتگرديءَ خلاف بنا ڪنهن فرق ۽ تعصب جي سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن سڀئي متحد ٿي هلنداسين ته پوءِ صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي، بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جو چوڻ هو ته انسان خطا جو پتلو آهي، غلطيون هرڪو ڪندو آهي پر انهن غلطين کي قبول نه ڪرڻ ۽ انهن مان سبق نه سکڻ وڏي غلطي آهي، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته سپهه سالار جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج جي پاليسي صرف ۽ صرف پاڪستان آهي، عوام ۽ فوج وچ ۾ هڪ خاص رشتو آهي، ان رشتي ۾ ڪنهن به خليج جو ڪوڙو بيانيو بنيادي طور تي ٻاهرين ملڪ مان مخصوص ايجنڊا ذريعي هلايو ويندو آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي سمورين پارٽين جو اتفاق حوصلو ڏيندڙ آهي پر ان تي تيزي سان ڪم ڪرڻو پوندو، بيان موجب آرمي چيف افغانستان سان لاڳاپن جي حوالي سان چيو ته افغانستان هڪ ڀاءُ، پاڙيسري، اسلامي ملڪ آهي، پاڪستان افغانستان سان هميشه بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، افغانستان سان رڳو فتني خوارج جي موجودگي ۽ سرحد پار پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ تي اختلاف آهي، اهو اختلاف ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين اهو مسئلو حل نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.