ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪئنالن خلاف نڪتل سنڌ اسان جي ماءُ سنڌو ۾ اسان جو ساھ مارچ ڊاڪٽر قادر مڱسي جي قيادت ۾ ميرپورخاص پهتو احتجاجي مارچ ۾ هزارين ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي اسٽيشن چوڪ کان ريلي جي شڪل ۾ مختلف روڊن ۽ چوڪن تان ٿيندي ڪئنال جا حامي سڀ حرامي جا نعرا هڻندي مارڪيٽ چوڪ پهتو جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ تي ڌاڙو هڻندڙ شهباز شريف سرڪار اسان کي سنڌو ناهي ڏنو جو ان تي پنهنجي مرضي سان نوان ڪينال ڪڍڻ ٿو چاهي سنڌو هزارين سالن کي وهندڙ درياءُ آهي سندس نالو سنڌ درياءُ ان ڪري ئي آهي جو سنڌ سنڌ جي عوام جو جياپو آهي هن چيو ته سنڌ خلاف سازشون ڪا نئين ڳالھ ناهي سنڌين جي ووٽ تي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ سنڌ جي حڪمرانن جي ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي هن چيو ته پنجاب سمجھي ٿو ته چند مفاد پرست سياستدانن جي ڪري هو غريبن جي ڳلي تي لت رکي سندن آواز دٻائي ڪئنال ٺاهي ويندا اها سندن ڀل آهي سنڌ جي عوام کان اها ڳالھ ڳجھي ناهي ته جيڪڏهن درياءُ ۾ پاڻي نه هوندو ته هو جيئندا ڪيئن ؟هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران عوام سان گڏ آهن ته سنڌ جي عوام جو نعرو ڪئنال جا حامي سڀ حرامي وارو نعرو هڻي ميدان ۾ لهن ته سندن سچائي سامهون اچي، هن چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي پنجاب کي سائو ۽ سنڌ کي سڪائي انهن بنجر زمينن تي افغانين، برمين لاءِ بستيون اڏيون وينديون ته جيئن سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري قديمي سازش کي ڪامياب ڪرائي سگھجي هن چيو ته پنجاب جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالهائڻ لاءِ ترقي پسند پارٽي اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به ڌرڻا هڻندي ترقي پسند پارٽي 24 فيبروري تي ڪئنالن خلاف حيدرآباد ۾ لکين سنڌي گڏ ڪندي جلسي کي حيدر شاھاڻي، گلزار سومرو، ھوت خان گاڏھي، ڄام شوڪت ابڙو، جان محمد جوڻيجو، قادر چنا، حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين خطاب ڪيو.