ڪراچي(رپورٽر+م ڊ) سنڌ سرڪار وفاق جي ناانصافي تي احتجاج ڪندي وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو،وڏي وزير مراد علي شاهه روڊن جي اڏاوت لاءِ وفاق طرفان 4 سيڪڙو رقم رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو. نيشنل هاءِ وي 105 منصوبن مان سنڌ لاءِ رڳو 6 منصوبا رکيا آهن،سنڌ لاءِ اين ايڇ اي 78 ارب جا منصوبا تجويز ڪيا آهن ۽ رڳو 7 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، وڏي وزير خط ۾ چيو ته مسلم ليگ ن جي اتحادي حڪومت هوندي سنڌ سان ناانصافين جي حد پار ڪئي وئي آهي. مراد علي شاهه 6 مارچ 2024 تي شهباز شريف کي خط لکيو ته حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي ٺاهيو وڃي، ان موٽروي جي اڏاوت ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن خط ۾ لکيو ته حيدرآباد، سکر موٽروي نه هجڻ سبب ٽريفڪ جي رواني ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سنڌ لاءِ 5 سيڪڙو کان به گهٽ رقم رکي. وڏي وزير خط ۾ وڌيڪ لکيو ته اين ايڇ اي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪئي آهي، پنجاب جي 33 منصوبن تي 38.65 سيڪڙو، سنڌ جي 6 منصوبن تي 4.34 سيڪڙو رقم رکي وئي. هن خط ۾ لکيو ته ڪي پي ڪي جي 30 منصوبن لاءِ 17.59 سيڪڙو، بلوچستان جي 22 منصوبن تي 23.87 سيڪڙو رقم رکي وئي، گلگت جي 4 منصوبن تي 4.40 سيڪڙو، آزاد ڪشمير جي هڪ منصوبي تي 0.16 سيڪڙو رقم رکي وئي. وڏي وزير خط ۾ مطالبو ڪيو ته حيدرآباد کان سکر تائين ايم 6 موٽروي تي بنا دير بجيٽ رکي وڃي ۽ اين ايڇ اي کي هدايت جاري ڪئي وڃي ته هو موٽروي جو ڪم شروع ڪري. منصوبي کي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي.