ملتان (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار جو سرائيڪي بيلٽ جو دورو جاري، ايڊووڪيٽ وسند ٿري ملتان هائي ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ملتان پهچي ملتان هائي ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ساجد حيدر ميتلو، ايڊووڪيٽ جاويد چنڙ سميت ملتان جي وڪيلن کي اسلام آباد ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ وڪيلن کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو ملڪ وڪڻڻ جو منصوبو آهي. سنڌين، سرائيڪين ۽ بلوچن سميت مظلوم قومن کان زمينون کسي عسڪري سان لاڳاپيل ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيون پيون وڃن،هن وڌيڪ چيو ته سرائيڪي قوم کان ٿل ۽ چولستان ڦريو پيو وڃي، پنجاب پاڻي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌين ۽ سرائيڪين جي نسل ڪشي پيو ڪري هن چيو ته بلاول شهباز اتحادي سرڪار ملڪ کي گريٽر پنجاب بڻائي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌو درياهه وڪرو ڪيو آهي، وفد ۾ اياز صالح پليجو پڻ شامل هو.