اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته عمران خان احتساب عدالت جي جج جي بيان جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته توشا خانه ڪيس 2 ۾ ڏوهه جو عنصر ناهي، ٽرائل فوري طور بند ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشري بي بي تي ڪوڙا ڪيس هلي رهيا آهن، عمران خان احتساب عدالت جي جج جي بيان جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، وڪيل فيصل چوڌري چيو ته باني چيو ته فلاڻو پيش نه ٿيو، اڍائي ڪلاڪ انتظار ڪيو، اها ڳالهه درست ناهي، جيل ۾ 11:30 کان اڳ ڪڏهن به ٽرائل شروع نه ٿيندو آهي، صبح نائين وڳي ميسيج آيو، ته جج آيو آهي، مون پڇيو ته منهنجو وڪيل آيو آهي؟ مون کي ڪوبه جواب نه مليو، ان ڪري مون چيو ته جڏهن منهنجا وڪيل ايندا ته مون کي پيغام ڏيندا ۽ مان ايندس، پر اوچتو مون کي خبر پئي ته جج هليو ويو آهي، وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ احتجاج جو آواز بلند ڪرڻ کي دهشتگردي بڻايو ويو آهي، اسان جي ڳالهين واري ڪميٽي آڏو سڌي ريت مطالبا آهن، فوجي عدالتن جي شهرين جي ٽرائل جي اجازت ڏئي زيادتي ڪئي وئي، پشاور اي پي ايس حملي کانپوءِ آئيني ترميم ڪئي وئي، هتي سياسي ڪارڪنن کي نشانو بڻايو ويندو آهي، جنهن پي ٽي آءِ کي ڇڏيو ان جا ڪيس ختم ڪيا ويا، باني انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو عالمي سطح تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيل ۾ عمران خان کي ڪجهه سهولتون نه ڏنيون پيون وڃن، ٽي وي جي سهولت بند ڪئي وئي، اسان کي ٽن مهينن ۾ صرف هڪ خميس تي ملاقات جو موقعو ڏنو ويو، باني جي ٻارن سان 5 مهينن کان پوءِ ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي.