اسلام آباد(م ڊ) حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل ۽ صحافي معيد پيرزاده خلاف سائبر ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻنهي تي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان من گهڙت بيان مواد شيئر ڪرڻ جو الزام آهي، ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم طرفان داخل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي جي جاچ ۾ ثابت ٿيو ته شهباز گل ۽ معيد پيرزاده سڪيورٽي فورسز خلاف ڪوڙي خبر پکيڙڻ ۾ ملوث آهن، ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار فوج ۽ عوام ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي جعلي مواد شيئر ڪري رهيا آهن، ياد رهي ته معيد پيرزادو ۽ شهباز گل ٻئي پاڪستان کان ٻاهر آهن، ٻئي جوابدار مختلف ڪيسن ۾ مفرور آهن، عدالت به کين اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي.