پگهار طبقو ٽيڪس ڏيندڙ ٽيون وڏو شعبو بڻجي ويو

اسلام آباد(م ڊ) پگهار طبقو ٽيون وڏو ٽيڪس ادا ڪندڙ شعبو بڻجي ويو آهي، ان حوالي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو جي دستاويز موجب سال 2023-24 دوران پگهاردار طبقي کان 368 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو جيڪو 23-2022ع جي ڀيٽ ۾ 103 ارب 74 ڪروڙ وڌيڪ آهي، هڪ سال دوران پگهاردار طبقي کان ٽيڪس وصولي ۾ 39.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٺيڪيدار، بئنڪ انٽرنٽس ۽ سيڪيورٽيز سڀ کان وڌيڪ  ٽيڪس ادا ڪندڙ آهن، دستاويز موجب ڪانٽريڪٽن مان 496 ارب ٽيڪس وصول ڪيو ويو ۽ ان ۾ 106 ارب کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 489 ارب رپيا بئنڪن جي وياج ۽ سيڪيورٽيز جي مد ۾ وصول ٿيا، بئنڪن ۽ سڪيورٽيز جي مد ۾ سالياني بنيادن تي ٽيڪس ۾ 52.8 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، منافعي جي ورڇ ۾ 70 سيڪڙو واڌ سان 145 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ بجلي جي بلن تي ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 124 ارب رپيا آهي، دستاويز موجب پراپرٽي جي خريداري تي ٽيڪس جي مد ۾ 104 ارب رپيا، وڪري جي مد ۾ 95 ارب رپيا، ٽيليفون بل جي تحفظ واري ٽيڪس وصولي ۾ 14.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ 100 ارب جي لڳ ڀڳ جمع ٿيا، ايڪسپورٽ شعبي واڌ سان رڳو 94 ارب ٽيڪس جمع ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.