هاءِ ڪورٽ امتياز مگسي کي ميونسپل ڪمشنر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾صفورا ٽائون ۾ ميونسپل ڪمشنر جي غيرقانوني مقرري واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،  عدالت امتياز مگسي کي ميونسپل ڪمشنر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ميونسپل ڪمشنر منور ملاح پاران غير مشروت طور حڪم ۾ واڌ واري درخواست واپس ورتي وئي، 18 گريڊ جي امتياز مگسي پاران ميونسپل ڪمشنر منور ملاح جي غيرقانوني مقرري کي چيلينج ڪيو هو،  عدالت حڪم ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل جهانگير ڪلهوڙو چيو ته صفوران ٽائون ۾ مقرر آفيسر منور ملاح 17 گريڊ جو آهي، جڏهن ته اهو عهدو 19 هين گريڊ جي آفيسر جو آهي، ميونسپل ڪمشنر جي عهدي لاءِ 18هين گريڊ جو آفيسر مقرر ٿي سگهي ٿو ۽ هتي غيرقانوني طور مقرري ڪئي وئي آهي، وڪيل پاران عدالت کان استدعا ڪندي چيو ته ميونسپل ڪمشنر صفوران ٽائون منور ملاح کي هٽائي امتياز مگسي کي مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.