ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ صوبائي حڪومت پاران وڌيڪ 08 ترجمانن ۽ 12 اسپيشل صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ طرف ٿرپارڪر ضلعي ۾ 450 معصوم ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ مناسب علاج جون سهولتون نه هجڻ ڪري فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ سال دوران 150 کان وڌيڪ ماڻهن آپگهات ڪري چڪا ٻي طرف وري حڪمران پارٽي پنهنجي من پسند سياسي ڀوتارن کي نوازڻ لاءِ سرڪاري وسيلن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهي آهي جڏهن ته سندن ڪارڪردگي صفر ۽ خرچ اربين رپين ۾ آهن.سنڌ ۾ گذريل 16 سالن ۾ اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جا شعبا مڪمل طور تباهي جو شڪار آهن، ماڻهو بک، بدحالي ۽ غربت جو شڪار آهن، هڪ سرڪاري رپورٽ موجب 78 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اڃا تائين تعليم کان محروم آهن. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا 10 کان 20 سالن تائين هلن ٿا ۽ انهن جي لاڳت چار ڀيرا وڌي وڃي ٿي. پيپلز پارٽي مسلسل چوٿون ڀيرو اقتدار ۾ آهي ۽ صوبي ۾ ان جي حڪومت جا 16 سال پورا ٿي ويا آهن جنهن جي باوجود به سنڌ جون حالتون تبديل نه ٿيون آهن ۽ عوام اڄ به پٿر جي دور ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.قبيلائي جهيڙن، ڦرلٽ ۽ عدم تحفظ جي ڪري ماڻهن جو جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي، سنڌ جي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ جاگيرداري نظام ۽ ڪرپشن آهي، سنڌ ۾ مهانگائي، بدامني، بيروزگاري، سرڪاري اسڪولن ۾ استاد ناهن، ڪيترائي اسڪول بند ۽ عمارتون زبون حال آهن. سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏي رهيو آهي.