اسلام آباد(م ڊ) پگهار طبقو ٽيون وڏو ٽيڪس ادا ڪندڙ شعبو بڻجي ويو آهي، ان حوالي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو جي دستاويز موجب سال 2023-24 دوران پگهاردار طبقي کان 368 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو جيڪو 23-2022ع جي ڀيٽ ۾ 103 ارب 74 ڪروڙ وڌيڪ آهي، هڪ سال دوران پگهاردار طبقي کان ٽيڪس وصولي ۾ 39.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٺيڪيدار، بئنڪ انٽرنٽس ۽ سيڪيورٽيز سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ آهن، دستاويز موجب ڪانٽريڪٽن مان 496 ارب ٽيڪس وصول ڪيو ويو ۽ ان ۾ 106 ارب کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 489 ارب رپيا بئنڪن جي وياج ۽ سيڪيورٽيز جي مد ۾ وصول ٿيا، بئنڪن ۽ سڪيورٽيز جي مد ۾ سالياني بنيادن تي ٽيڪس ۾ 52.8 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، منافعي جي ورڇ ۾ 70 سيڪڙو واڌ سان 145 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ بجلي جي بلن تي ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 124 ارب رپيا آهي، دستاويز موجب پراپرٽي جي خريداري تي ٽيڪس جي مد ۾ 104 ارب رپيا، وڪري جي مد ۾ 95 ارب رپيا، ٽيليفون بل جي تحفظ واري ٽيڪس وصولي ۾ 14.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ 100 ارب جي لڳ ڀڳ جمع ٿيا، ايڪسپورٽ شعبي واڌ سان رڳو 94 ارب ٽيڪس جمع ڪرايو.