ريڊ لائن رٿا ۾ دير جا ڪجهه سبب آهن\شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حادثن جي سبب انسان پنهنجي جان وڃائي ويهن ٿا، ڪجهه  معذوري جو شڪار ٿين ٿا، ٽريفڪ قانون جي پاسداري لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ ڪنزيومر ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪنزيومر روڊ سيفٽي ايوارڊ جي تقريب ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي هن چيو ته ٻارن کي ٽريفڪ قانونن بابت پڙهائڻ گهرجي، اڻ واقف ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس نه ملڻ گهرجن، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير جون واضح هدايتون آهن ته ماس ٽرانزٽ کي وڌايو وڃي، سنڌ حڪومت عوام لاءِ ماحول دوست اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي،هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي روڊ تان عوام کي پهچندڙ تڪليف جو احساس آهي،رڊ لائن پراجيڪٽ ۾ دير جا ڪجهه سبب آهن، ڪوشش آهي ته ٻن سالن ۾ مڪمل ڪريون، هن سال ڊبل ڊيڪر بسون هلائڻ جي ڪوشش ڪنداسين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.